17 ہفتہ , نومبر 2018

Tag Archives: Arif Alvi

جسٽس اطهر من الله چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر جسٽس اطهر من الله جي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جوڊيشنل ڪميشن آف پاڪستان پهرين نومبر تي سينيئر ترين جج جسٽس اطهر من الله کي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ …

تفصيل »

بلوچستان جي عوام کي صاف پاڻي ۽ تعليم فراهم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي: صدر عارف علوي

President Arif Alvi is first priority to provide clean water and education to the people of Balochistan

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي عوام کي صاف پاڻي، تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ پهرين ترجيح آهي. صدرڊاڪٽر عارف علوي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهتو جتي هن قومي اسمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري سان …

تفصيل »

پاڪستان ۾ اعليٰ تعليمي ادارن جو معيار بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر عارف علوي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اعليٰ تعليمي ادارن جو معيار بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن بهترين يونيورسٽين ۾ پاڪستاني يونيورسٽين جا نالا به شامل ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن (آءِ سي سي بي ايس) يونيورسٽي ۾ ”نيچرل پروڊڪٽ فار …

تفصيل »

ڪراچي ۾ 11 سالن کان بند لوڪل ٽرين جو افتتاح ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي ڪراچي ۾ 11 سالن کان بند لوڪل ٽرين جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ذريعي روز هزارين ماڻهو سفري سهولتون حاصل ڪري سگهندا. ڪراچي سٽي اسٽيشن کان ڌاٻيجي تائين هلندڙ ريل جي افتتاحي تقريب سٽي اسٽيشن تي ٿي، جتي ريلوي واري وزير شيخ رشيد …

تفصيل »

صدر عارف علوي ارڙيءَ کان بچاءَ جي قومي مهم شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي ارڙيءَ کان بچاءَ جي قومي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي. هن اسلام آباد جي پولي ڪلينڪ ۾ هڪ ٻارڙي کي ويڪسين ڏئي قومي مهم جي شروعات ڪئي. اها مهم 15 کان 27 آڪٽوبر تائين جاري رهندي. ان موقعي تي صدر عارف علوي جو …

تفصيل »

صدر عارف علوي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 18 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڱاري ڏينهن 18 سيپٽمبر تي گهرائي ورتو آهي. ان کان اڳ نئين چونڊيل صدر پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 13 سيپٽمبر تي طلب ڪيو هو، جنهن دوران هو پنهنجي پهرين تقرير ڪري ها پر اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهرواري …

تفصيل »

آصف زرداري ۽ فواد چوڌري جون عارف علوي کي واڌايون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري نئون صدر چونڊجڻ تي عارف علوي کي واڌايون ڏنيون آهن. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري پنهنجي بيان ۾ عارف علوي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ …

تفصيل »

هر ماڻهو جي دَر تي انصاف پهچڻ گهرجي: عارف علوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي نئين چونڊيل صدر عارف علوي چيو آهي ته ڪاميابيءَ تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيان ٿو، عمران خان جو ٿورائتو آهيان جو هن وڏي ذميواري لاءِ نامزد ڪيو، دعا ڪيان ٿو ته الله منهنجي مدد ڪري. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عارف …

تفصيل »

بلوچستان جي وڏي وزير طرفان عارف علوي جي حمايت جو اعلان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال تحريڪ انصاف جي صدارتي اميدوار عارف علوي جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ عارف علوي ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڄام ڪمال چيو ته منهنجي پارٽي صدارتي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف …

تفصيل »

صدارتي چونڊ بابت اپوزيشن کان اڳتي نڪري چڪا آهيون: عارف علوي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي صدارتي اميدوار عارف علوي چيو آهي ته  عمران اسماعيل سنڌ جي گورنر لاءِ بهترين اميدوار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي هن عمران اسماعيل کي سنڌ جو گورنر نامزد ٿيڻ تي مبارڪ ڏني. سندس چوڻ …

تفصيل »