21 بدھ , نومبر 2018

Tag Archives: awami awaz

سي پيڪ ۾ گلگت بلتستان کي جائز حصو ناهي مليو: بلاول ڀٽو زرداري

هنزه(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سي پيڪ ۾ گلگت بلتستان کي جائز حصو ناهي مليو. گلگت بلتستان جي دوري دوران پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هنزه ۽ نگر ۾ عوامي اجتماعن کي خطاب ۾ چيو آهي ته جنهن محبت ۽ جوش …

تفصيل »

ڪنهن کي به انسانن جي زندگين سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين: چيف جسٽس

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته انسانن جي زندگين سان ڪنهن کي کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين. تفصيل موجب چيف جسٽس جي سربراهي ۾ غير معياري شيون وڪڻڻ وارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڊي جي فوڊ ڪيپٽن (ر) عثمان عدالت ۾ پيش ٿيو. …

تفصيل »

خيبرخيبرپختونخواهه ۾ ميڊيڪل تعليم جو حال سڀ کان خراب آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ٻن ڪاليجن ۾ داخلائن تي پابندي لڳائيندي چيو آهي ته خبيرپختونخواهه ۾ ميڊيڪل تعليم جي سڀ کان خراب صورتحال آهي. جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ايبٽ آباد جي خانگي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلائن بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. …

تفصيل »

اومني شگر اسڪينڊل ۾ صائما مجيد جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عدالت اربين رپين جي کنڊ گم ڪرڻ جي ڪيس ۾ صائما مجيد جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ اربين رپين جي کنڊ گم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد کي ٻيو ڀيرو به …

تفصيل »

حددخلين خلاف آپريشن: ايمپريس مارڪيٽ جو اصل نقشو طلب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ ايمپريس مارڪيٽ جو اصل نقشو ۽ دڪانن جا دستاويز طلب ڪري ورتا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ايمپريس مارڪيٽ جا دڪان ڊاهي پٽ ڪرڻ جي خلاف دڪاندارن جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران درخواست گذارن …

تفصيل »

عدالت پوليس کي مولانا سميع الحق جي قبر ڪشائي کان روڪي ڇڏيو

نوشهره(ويب ڊيسڪ) عدالت راولپنڊي پوليس کي جي يو آءِ (س) جي سربراهه مولانا سميع الحق جي قبر ڪشائي کان روڪي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب نوشهره جي ماتحت عدالت راولپنڊي پوليس کي جميعت علماءِ اسلام (س) جي سربراهه مولانا سميع الحق جي قبر ڪشائي کان روڪي ڇڏيو. مولانا سميع الحق جي …

تفصيل »

هوائي اڏن جي زمينن تي قبضا مافيا جا ديرا

لاهور(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف هوائن اڏن جي زمينن تي به مافيا جي قبضي جو انڪشاف ٿيو آهي. سول ايوي ايشن اٿارٽي جي اربين جي زمين به قبضا مافيا کان نه بچي سگهي، اسلام آباد ۽ ڪراچي ايئرپورٽن جي اربين رپين جي ڪمرشل ملڪيت تي قبضا مافيا ديرا ڄمائي رکيا …

تفصيل »

تحريڪ انصاف وفد چين جي دوري تي، ڪرپشن جي خاتمي بابت بريفنگ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف وفد کي چين جي دوري دوران ڪرپشن جي خاتمي تي ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته چيني صدر به ڪرپشن جي ڏوهه ۾ سزا ماڻيندڙ ماڻهن کي معافي جو اختيار نٿو رکي. چين ۾ تحريڪ انصاف وفد جي سرگرمين جي شروعات ٿي وئي …

تفصيل »

عيد ميلاد النبي صه: سنڌ حڪومت جو 12 ربيع الاول تي موڪل جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب سنڌ حڪومت عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي 21 نومبر تي سڄي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي گهرو کاتي طرفان جاري …

تفصيل »

فيض آباد ڌرڻو ڪيس: سپريم ڪورٽ عبوري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ عبوري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس قاضي فائر عيسيٰ ۽ جسٽس مشير عالم تي ٻڌل بئنچ 16 نومبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ اڄ 5 صفحن تي ٻڌل حڪم نامو جاري ڪيو ويو. …

تفصيل »