21 بدھ , نومبر 2018

Tag Archives: awami awaz

ڪراچي ۾ رڪشي ڊرائيور جي اڪائونٽ مان به اربين رپين جي ٽرانزڪشن جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سرڪاري ملازم، فالودو کپائيندڙ شخص ۽ مئل شخص کانپوءِ هاڻ رڪشي ڊرائيور جي اڪائونٽ مان به اربين رپين جي ٽرانزڪشن جو انڪشاف ٿيو آهي. ايف بي آر طرفان رڪشي ڊرائيور زور طلب خان کي نوٽيس موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ کانئس اڪائونٽ مان ساڍي 8 …

تفصيل »

وزيراعظم جو چين جي دوري لاءِ شيڊيول تبديل، سڀاڻي ئي روانو ٿيندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چين جي دوري لاءِ شيڊيول ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي ۽ هو ٻه نومبر بدران سڀاڻي بيجنگ روانو ٿيندو. وزيراعظم سرڪاري وفد سان گڏ پهرين نومبر کان 5 نومبر تائين چين جو دورو ڪندو. عمران خان خاص جهاز ذريعي اسلام آباد کان چين …

تفصيل »

ڪراچي ۾ 11 سالن کان بند لوڪل ٽرين جو افتتاح ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي ڪراچي ۾ 11 سالن کان بند لوڪل ٽرين جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ذريعي روز هزارين ماڻهو سفري سهولتون حاصل ڪري سگهندا. ڪراچي سٽي اسٽيشن کان ڌاٻيجي تائين هلندڙ ريل جي افتتاحي تقريب سٽي اسٽيشن تي ٿي، جتي ريلوي واري وزير شيخ رشيد …

تفصيل »

ذاتي مفاد لاءِ عوامي نمائندي جي فون نه کڻڻ تي اعتراض نٿو ٺهي: شهلا رضا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شهلا رضا چيو آهي ته فضل الرحمان جي ايجنڊا احتجاج هو پر حڪومت کي ڪجهه وقت ملڻ گهرجي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شهلا رضا چيو ته ايس پي اغوا ٿي ويو آهي ان تي ڪا ڳالهه نه پئي ٿئي، اڳوڻي …

تفصيل »

ڀارت ۾ باغين صحافي ۽ ٻن پوليس اهلڪارن کي ماري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ مائو نواز باغين جي هڪ حملي ۾ صحافي ۽ ٻه پوليس اهلڪار مارجي ويا آهن. قتل ٿيل صحافي ڀارت جي سرڪاري ٽيلي ويزن اداري دور درشن جو ڪئميرا مين هو. باغين جو ڳڙهه سمجهي ويندڙ رياست ڇٽيهه ڳڙهه ۾ ڪيل ان حملي ۾ ٻه …

تفصيل »

ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال جو مستقل حل ڪڍڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان کي ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال جو مستقل حل ڪڍڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارٽي جي ايم پي اي ارباب لطف الله سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو. ملاقات دوران ٿر ۾ ڏڪار جي حالت …

تفصيل »

گلگت ۾ عزادارن سان حادثو، 24 ٻار زخمي

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت ۾ عزاردارن سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 24 ٻار زخمي ٿي پيا، جن مان چئن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پوليس موجب چاليهي جي حوالي سان جلوس ۾ شرڪت لاءِ جوتل نالي ڳوٺ مان نڪتل ٽريڪٽر ٽرالي سان …

تفصيل »

جسٽس قيوم جي رپورٽ رد ڪرڻ جو تاثر غلط آهي: پي سي بي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ميچ فڪسنگ جي حوالي سان جسٽس قيوم جي رپورٽ کي تسليم نه ڪرڻ جي تاثر کي رد ڪندي چيو آهي ته جسٽس قيوم جي رپورٽ کي ساراهيو هو. پي سي بي طرفان جاري ڪيل خاص بيان ۾ چيو ويو آهي ته بورڊ ميچ فڪسنگ …

تفصيل »

حڪومت شروعاتي ڏينهن ۾ ئي صحيح رخ ۾ گورننس جو بنياد رکيو: وزير اعظم

لاهور(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته حڪومت شروعاتي ڏينهن ۾ ئي صحيح رخ ۾ گورننس جو بنياد رکيو. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جو اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته تحريڪ …

تفصيل »

راولپنڊي ۾ جسٽس (ر) محمود اختر اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي علائقي مندره چڪوال روڊ تي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري جسٽس (ر) محمود اختر کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جسٽس (ر) محمود اختر ڪٽنب سان گڏ پنهنجي عزيز جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ اباڻي علائقي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ اڻڄاتل ماڻهن کيس گولين جو …

تفصيل »