13 منگل , نومبر 2018

Tag Archives: case

خيبرپختونخواهه ۾ دعوائن جي ابتڙ اسپتالن جي حالت خراب آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ دعوائن جي ابتڙ اسپتالن جي حالت خراب آهي ۽ جيڪا حڪومت تعليم ۽ صحت نٿي ڏئي سگهي اُها رڳو نالي جي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ خيبرپختونخواهه جي اسپتالن جي گند بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. …

تفصيل »

جي آءِ ٽي کي سمورو رڪارڊ ڏئي رهيا آهيون، ڪجهه به لڪائڻ جو ارادو ناهي: وڏو وزير

Will provide all record to JIT probing money-laundering case: CM Sindh

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي قانون موجب جيڪو رڪارڊ گهرندي اهو ڏينداسين ۽ رڪارڊ روڪڻ يا ان کي لڪائڻ جو ڪو به ارادو ناهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير پاڪستان ڪوارٽرز کي وفاقي معاملو قرار ڏيندي چيو …

تفصيل »

منهنجو ملڪ اهم آهي، مون تي گارين جو ڪو به فرق نه پوندو: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس جنگ گروپ جي سيلز ٽيڪس جي عدم ادائيگي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته جڏهن اشتهار هتي هلندا آهن ته ٽيڪس ڏيڻو پوندو، منهنجو ملڪ اهم آهي، مون تي ڪنهن جي گارين جو ڪو به فرق نه پوندو. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس …

تفصيل »

راول ڍنڍ جي ڀرسان پيءُ جي ملڪيت سمجهي ورهائي وئي: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ليڪ ويو پارڪ ۾ ڪمپنين کي ليز تي زمين ڏيڻ واري ڪيس دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ايترن پيسن ۾ روڊن تي کوکا ناهن ملندا جيتري ۾ ليز تي ڏني وئي آهي. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ ليڪ ويو پارڪ ۾ …

تفصيل »

پاڪ پتن ايراضي ڪيس: نواز شريف سميت ڌرين کي ٻيهر نوٽيس جاري

pakpattan case: Nawaz Sharif resigns notice over again

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ پتن درٻار جي ايراضي تي قبضي جي ڪيس ۾ عدالت اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف سميت ٻين ڌرين کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. سپريم ڪورٽ پاڪ پتن درٻار جي ايراضي تي قبضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران …

تفصيل »

ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضو: ملڪ رياض ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن کاتي ٻيلن جي 1170 ڪنال ايراضي تي قبضي جي الزام ۾ بحريا ٽائون، ان جي چيف ايگزيڪيوٽو ملڪ رياض ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. اهو ڪيس اينٽي ڪرپشن سرڪل راولپنڊي ٿاڻي ۾ جي آءِ ٽي جي سفارشن تي داخل ڪيو ويو. ٽيڪنيڪل …

تفصيل »

بنا اجازت جي مڙس جي موبائيل ڏسڻ تي عورت کي جيل جي سزا

دبئي (ويب ڊيسڪ) متحده عرب امارات ۾ هڪ عورت کي بنا اجازت جي پنهنجي مڙس جي موبائيل ڏسڻ ۽ ان جي سموري ڊيٽا ڪاپي ڪرڻ جي الزام ۾ ٽن مهينن لاءِ جيل موڪليو ويو. ان کان اڳ مڙس عدالت کان درخواست ڪئي هئي ته جڏهن هو ننڊ ۾ هوندو آهي …

تفصيل »

شهباز شريف ميرٽ جي ابتڙ من پسند ڪمپني کي ٺيڪو ڏياريو: نيب

لاهور(ويب ڊيسڪ) نيب شهباز شريف جي گرفتاري تي چيو آهي ته جوابدار شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور اختيارن کي غلط استعمال ڪندي ميرٽ تي ٺيڪا وٺندڙ ڪمپني جو ٺيڪو رد ڪرائي پنهنجي من پسند ڪمپني کي ٺيڪو ڏياريو. نيب پنهنجي جاچ رپوٽ ۾ چيو آهي ته جوابدار ميان …

تفصيل »

شهباز شريف جي گرفتاري تي احتجاج ڪندڙ ن ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف جي گرفتاري تي احتجاج ڪندڙ ليگي ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. نيب گذريل ڏينهن پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي آشيانا اقبال هائوسنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو، جنهن تي ن ليگ طرفان سخت ردعمل جو اظهار ڪيو …

تفصيل »

هائوسنگ اسڪينڊل: سعد رفيق ۽ سندس ڀاءَ جا نالا اي سي ايل ۾ شامل، نيب طرفان 16 آڪٽوبر تي طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت ريلوي واري اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق جا نالا به ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيا. تفصيل موجب قومي اسمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي گرفتاري بعد اڳوڻي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق  ۽ سندس …

تفصيل »