17 ہفتہ , نومبر 2018

Tag Archives: Iran

آمريڪي پابندين سان معيشت متاثر ناهي ٿي: ايراني صدر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر حسن روحاني چيو آهي ته آمريڪا طرفان لاڳو ڪيل اقتصادي پابندين سان اسان جي ملڪ جي معيشت ڪنهن به طور متاثر ناهي ٿي، وڏي پئماني تي پابنديون اڳ ئي لڳي چڪيون ۽ ڪجهه به نئون ناهي ٿيو. سندس موجب آمريڪا ايراني تيل جي پيداوار ۽ …

تفصيل »

آمريڪي پابندين جي باوجود ايران سان واپاري رابطا برقرار رهندا: پاڪستان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪي پابندين جي باوجود ايران سان واپاري رابطا برقرار رکنداسين. سينيٽر طاهر مشهدي جي صدارت هيٺ سينيٽ جي پرڏيهي پاليسي بابت فورم جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل طرفان بريفنگ ڏني وئي. ڊاڪٽر …

تفصيل »

پابندين سان آمريڪا پاڻ نقصان کائي رهيو آهي: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته آمريڪي پابندين جو نتيجو ابتو نڪري رهيو آهي ۽ پاڻ آمريڪا عالمي سطح تي اڪيلو ٿيندو پيو وڃي. ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي جواد ظريف چيو ته آمريڪي پابنديون گڏيل قومن جي اعليٰ ترين عدالت ۽ سلامتي ڪائونسل جي …

تفصيل »

ايراني پرڏيهي وزير جي پاڪستاني هم منصب سان ملاقات، مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

Iran's Zarif, Qureshi discuss issues of mutual interest

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي دوري تي آيل ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي غور ڪيو ويو . ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف اڄ صبح سوير اسلام آباد جي دوري تي پهتو هو ، پرڏيهي …

تفصيل »

پاسدارانِ انقلاب ايران دهشتگرد تنظيمن جي فهرست ۾ شامل

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۽ بحرين پاسدارانِ انقلاب ايران کي دهشتگرد تنظيمن جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. سعودي عرب نيوز ايجنسي موجب ان سان گڏوگڏ ايران جي القدس فورس جي ڪمانڊر قاسم سليماني، حامد ۽ عبدالرضا شهلائي جو نالو به ان فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي. …

تفصيل »

ايران رويو تبديل ڪري، ڳالهين لاءِ تيار آهيون: ٽرمپ

Iran is changing the way, negotiations are ready: Trump

وشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران لاءِ هاڻ به ڳالهين دروازا  کليل آهن پر ڳالهه ٻولهه جو دارومدار ايران تي آهي. واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هوته ايران هن وقت ملڪ جي حيثيت ۾ پاڻ پنهنجي بقا لاءِ  ڪافي ڳڻتي …

تفصيل »

برطانيا ۽ فرانس پاران ايران لاءِ اُڏامون بند ڪرڻ جو اعلان

Announces closure of the damages for Iran by Britain and France

لنڊن/پئرس(ويب ڊيسڪ) برطانوي ۽ فرانسيسي هوائي ڪمپنين ايران لاءِ سڌو سنئون اُڏامون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب اقتصادي پابندين ۾ ڦاٿل ايران لاءِ پريشيانين ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي پئي وڃي. معاشي سرگرميون گهٽ هئڻ سبب برطانيا ۽ فرانس کان ايران ويندڙ مسافرن جي انگ ۾ …

تفصيل »

آمريڪا پابنديون ايران کي جهڪائڻ جي ڪوشش آهي: ايراني نائب صدر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني نائب صدر اسحاق جهانگيري چيو آهي ته آمريڪا ان ڪوشش ۾ آهي ته هو مختلف پابنديون لاڳو ڪري ايران کي جهڪائڻ تي مجبور ڪري. جهانگيري موجب سموري ايراني قوم جي پهرين ترجيح اها آهي ته پابنديون لاڳو ٿيڻ کانپوءِ اتفاق ۽ ٻڌيءَ سان اڳتي وڌجي ته …

تفصيل »

ايران جو ڪير ڪجهه به نٿو بگاڙي سگهي: خامنا اي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنا اي چيو آهي ته اسان کي ڪنهن به قسم جي ڳڻتيءَ جي ضرورت ناهي، صورتحال کي نظر ۾ رکندي پريشان ٿيڻ نه گهرجي، ڪير به ايران کي ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. سندس اهڙو بيان ان وقت سامهون آيو آهي، …

تفصيل »

يورپي يونين ايران تي آمريڪي پابنديون روڪڻ لاءِ پرعزم

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين ايران خلاف لاڳو ڪيون ويندڙ آمريڪي پابنديون تسليم نه ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. 2015ع ۾ عالمي طاقتن ۽ ايران وچ ۾ طئي ٿيل جوهري معاهدو ختم ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا، ايران تي پابنديون لاڳو ڪري رهيو آهي پر يورپي يونين ان معاهدي کي …

تفصيل »