21 بدھ , نومبر 2018

Tag Archives: TandoBago

نيوز | ٽنڊو باگو: تعلقي جون21 ديهون ڏڪار سٽيل قرار، نوٽيفڪيشن جاري

TandoBago

ٽنڊباگي جي 21 ديهن کي ڏڪار سٽيل قرار ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. مختيارڪار رضوان جتوئي پاڻي کوٽ ۽ ڏُڪر سبب تعلقي ٽنڊباگي جي ديهه ڪتهڏو، آڪوري، کاهي، ڌن جهول ۽ کوسڪي سميت 21 ديهن کي ڏڪار سٽيل قرار ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. مختيارڪار رضوان علي جتوئي موجب ڏڪار …

تفصيل »

نيوز | ٽنڊو باگو: آيل  مسڪين ٿرين لاءِ ٻي مصيبت، شاخن تي وارا بندي سبب ٿري مارئڙا پريشان

TandoBago

*ٽنڊي باگي ۾ آيل  مسڪين ٿرين لاءِ ٻي مصيبت، ٽنڊي باگي کي پاڻي پھچائيندڙ شاخن تي وارا بندي سبب ٿري مارئڙا پريشان حڪومت سهولتون  فراهم نه ڪري سگهي. ايگزيڪيٽوانجنئير طرفان ٽنڊي باگي کي پاڻي پهچائيندڙ اڪرم واھ ۽ شادي لارج واھ ۾ وارا بندي جو نوٽيفڪشن جاري  ڪيو ويو جنهن …

تفصيل »

منجهند ٻئين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-30

ڀٽو هڪ نظرئي جو نالو آهي، لو بلڊ پريشر ۽ هاءِ بلڊ پريشر نه هلندو:وڏو وزير ٽنڊو باگو: آيل  مسڪين ٿرين لاءِ ٻي مصيبت، شاخن تي وارا بندي سبب ٿري مارئڙا پريشان سکر:  ڀريا سٽي جي رهواسي نائچ برادري پاران پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

تفصيل »

نيوز | ٽنڊو باگو: ڪارڪنن پاران نواز شريف جي سزا رد ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون

ٽنڊي باگي ۾ نون ليگ ڪارڪنن پاران نواز شريف جي خاندان سميت آزادي تي مٺايون ورهائي خوشي ملهائي وئي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي آزادي جي خوشي ۾ يوسف، غلام ملاح  ۽ لال بخش جمالي سميت نون ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن …

تفصيل »

نيوز | ٽنڊي باگي ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي سنڌو درياهه تي ڪالاباغ ڊئم ٺاهڻ سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف بک هڙتال

TandoBago

ٽنڊي باگي ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف بک هڙتال ڪئي وئي. نيشنل پريس ڪلب آڏو سريش ڀيل، حبيب ڪلوئي ۽ سنجي ڪولهي سميت ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف بک هڙتال ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم يا ڪٽ قبول …

تفصيل »

نيوز | ٽنڊو باگو: نينگر ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

ٽنڊي باگي ڀرسان 16 ورهين جي نينگر ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي. ڳوٺ اي سي ۾ ڏهين ڪلاس جي شاگرد سورج ڪولهي گهر ڀرسان بيٺل انب جي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪيو. اطلاع تي ٽنڊوباگو پوليس لاش تعلقه اسپتال آندو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي …

تفصيل »

نيوز |ٽنڊو باگو: ڪولهي برادري پاران پوليس خلاف ٽئين ڏينهن به  بک هڙتال

TandoBago

ٽنڊي باگو پوليس خلاف ٽئين ڏينهن به  ڪولهي برادري  احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي. ڳوٺ گلڻ خاصخيلي جي رهواسين ڪولهي برادري جي ماڻهن عورتن ۽ ٻارن سميت نيشنل پريس ڪلب اڳيان ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي ان موقعي تي سيوجي ڪولهي جيوو ڪولهي آلو …

تفصيل »

نيوز:ٽنڊي باگي ۽ ڀر پاسي برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي

ٽنڊي باگي ۽ ڀر پاسي برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي. ٽنڊباگي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن  ۾ سانوڻي جي برسات جي وسڪاري سبب سخت گرميءَ جو زور ٽٽي ويو، ۽ موسم خوشگوار بڻجي وئي. برسات جي هلڪي وسڪاري بعد بجلي بند ٿي وئي،  سانوڻي جي برسات جي وسڪاري بعد …

تفصيل »

نيوز |ٽنڊوباگو: روڊن تي پوکيل ڪڙورين رپين جا وڻ هاءِ وي کاتي بي ڌياني سبب سڪي ويا

TandoBago, highwayduetobadhealthreasons

ٽنڊي باگي جي مين روڊن تي پوکيل ڪڙورين رپين جا وڻ  هاءِ وي کاتي ۽ ورڪس ڊپارٽمينٽ  جي بي ڌياني سبب سڪي ويا. سنڌ سرڪار پاران پوکيل ٻوٽن جي سارسنڀال لاءِ ملازم مقررٿيل آهن،  جيڪي پوکيل وڻن جي سارسنڀال ڪن ٿا۽نوان وڻ به پوکڻ جا پابند هوندا آهن . ڪراچي- …

تفصيل »