15 ہفتہ , دسمبر 2018

سنڌي لوڪ ادب/پاڪستان جي ٻولين جو لوڪ ادب:ادل سولنگي

اسانجي سموري سنڌي ادب جي پيڙھ لوڪ ادب تي آهي. چوندا آهن ته پيڙھ مضبوط ۽ سگهاري هوندي ته ان مٿان اڏجندڙ عمارت به سگهاري ۽ مضبوط جڙندي آهي جيڪا، گهڻي عرصي تائين پائيدار ۽ جٽاندار رهندي آهي.جيڪڏهن اسان جو لوڪ ادب سگهارو نه هجي ها ته ڪلاسيڪل ۽ جديد ادب سگهارو نه هجي ها. پر افسوس آهي جو اسان هن وقت ادب جي عمارت جي پيڙھ جي مرمت يا سنڀال نه پيا ڪريون. جنهن ڪري ڀتين/عمارتن کي نقصان پيو پهچي.سنڌي لوڪ ادب تي هن دور ۾ تحقيقي ڪم اوترو نه پيو ٿئي جيترو ٿيڻ گهرجي، اسان جي علمي ادبي تحقيقي ادارن وٽ وسيلا به آهن پر ادارن ۾ ويٺل وڏيرن جي ذهن ۾ اها ڳالهه گهر ڪري وئي آهي ته هن جديد دور ۾ ”سنڌي لوڪ ادب“ تي ڪم ڪرڻ پئسن جو زيان آهي. تنهنڪري اسان جي ادارن ۾ ويٺل وڏيرن کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي.لوڪ ادب تي تحقيق جي حوالي سان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو نالو لوڪ ادب جي پارکن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. جنهن لوڪ ادب جي اهم ڀاڱي ” لوڪ گيت“ تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. هن وفاقي اردو يونيورسٽيءَ مان جاري ٿيل ”تحقيقي جنرل“ ڪارونجهر ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان جاري ٿيل ”تحقيقي جنرل“ ڪلاچيءَ ۾ تحقيقي ڪرت ڪندي نه رڳو لوڪ ادب پر جديد ادب جي حوالي سان به ڪافي ڪم ڪيو آهي. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو هيءُ ڪتاب لوڪ ادب تي تحقيقي اڀياس ۾ سندس اندر جي اونهائين ۽ دل جي گهرائين منجهان ڦٽي نڪتل ادبي پورهيو آهي.ٻولي واهپي جي ڪري زندهه رهندي آهي. ڪيتريون ٻوليون مري ويون ۽ انهن جا نانءُ نشان پڻ محفوظ نه رهيا آهن ۽ ڪيتريون زندهه هجڻ جي باوجود متروڪ ٿي ويون آهن ڇا لاءِ ته اهي بازار ۾ وڻج واپار ۽ تعليمي ادارن جي نصاب ۾ نه رهي سگهون. سنڌي ٻولي پرائمري کان يونيورسٽي جي سطح تائين نصابي زبان آهي. مارڪيٽ ۾ رائج آهي. سماج ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، شاعري ۽ نثراڻو ادب سنڌيءَ ۾ لکجي ٿو ۽ لاڳيتو ڇپجندو رهي ٿو.

سنڌي لوڪ ادب ۾ لوڪ ڪهاڻيون، داستان، ريتون رسمون، عقيدا، ساٺ سنئوڻ، پهاڪا، چوڻيون، مدح، مولود، مناقبا، معجزا، سينگار، ڏور، ڏٺ، ڳجهارت، پرولي، هنر، سماع/سنمهن، گرچيلو/ڳائوءَ جا بيت، رسالو، ڳجهارت، ڏهس، ست سري، ڏھ سرا، واقعاتي بيت، مناظرا، نڙبيت، ڳاھ، ڪانگل جا بيت، ڪافيون، ٽيهه اکري، ڏينهن، راتيون، هفتا، مهينا ۽ سال، ڳوڙها، هيماريون، لوڪ گيت، لاڏا، ڳيچ سهرا، مورو، ڇلڙو، جمالو وغيره اچي وڃن ٿا.

سنڌي لوڪ ادب سهيڙڻ ۽ ڇاپڻ جو قومي سطح تي متعارف ڪرايل رٿا جو ڪريڊٽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڏانهن وڃي ٿو. اوائلي تحقيقي ڪم، لاءِ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ٻيا جيڪي لوڪ ادب جي محقق جي صف ۾ نظر اچن ٿا، انهن مان هڪ نالو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو پڻ آهي. هو، معلم، ليکڪ، براڊڪاسٽر، لطيفيات، سنڌي لوڪ ادب، صوفي شاعرن ۽ فنڪارن جو پارکو آهي. سنڌي لوڪ ادب بابت 10 پي ايڇ ڊي ڊگريون رکندڙ اديبن ۽ عالم آهن. جن جو پيرائتو احوال   ڪتاب ”لوڪ ادب تحقيقي اڀياس“ ۾ ملي ٿو.سنڌي لوڪ ادب جي سهيڙ ۽ تحقيق جي حوالي سان هن ڪتاب ۾ لوڪ ادب بابت تمام اهم معلومات ڏني وئي آهي، جنهن ۾ اڄ تائين جي سگهڙن جا ڪتاب شايع ٿيا آهن انهن جو تفيصلي وچور به هن ڪتاب ۾شامل ڪيو ويو آهي. لوڪ ادب تي تحقيق ڪندڙ عالمن اسڪالرن ۽ محققن جو پڻ وچور ڏنو ويو آهي.ڪتاب ۾ ڪڇي/ميمڻ لوڪ ادب بابت ڄاڻ جا در کوليا ويا آهن.

محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي لوڪ ادب لاءِ ڪيل خدمتون، سگهڙ محمد لقمان کوکر جي سگهڙائپ جو جائزو، سگهڙن ۽ سگهڙائپ جو پرامن سماج اڏڻ ۾ ڪردار، سنڌي لوڪ ادب جون سهيڙ ۽ تحقيق کان رهجي ويل صنفون هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون نهايت ئي اهم تحقيقي لکڻيون آهن، جنهن کي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي نهايت ئي باريڪ بينيءَ سان منظر تي آندو آهي. 112 صفحن تي ڦهليل سنڌيا پبلڪيشن پاران ڇپايل هن ڪتاب جو ملهه 300 روپيا رکيو ويو آهي. لوڪ ادب جي چاهيندڙن لاءِ هي ڪتاب هڪ سوکڙي آهي.

پاڪستان جي ٻولين جو لوڪ ادب

وفاقي اردو يونيورسٽي  آف آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي عبدالحق ڪيمپس، ڪراچي جي سنڌي شعبي پاران ڪوٺايل هڪ ڏينهن واري پهرين ”لوڪ ادب “ڪانفرنس لاءِ پڙهيل مقالا سهيڙي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ڪتاب جو نالو ڏنو آهي. پاڪستان جي ٻولين جو لوڪ ادب، هن ڪتاب ۾ سرائيڪي ٻوليءَ ۾ ”لوڪ ادب “جون ريتون ۽ روايتون هڪ جائزو ماضيءَ کان حال جي آئيني ۾، پنجاب جي ”لوڪ ادب “تي هڪ نظر، سنڌي ثقافت جا رنگ، سنڌي لوڪ ادب، پشتو “لوڪ ادب “هڪ جائزو، اردو ”لوڪ ادب “ 1947ع کان اڳ، بلوچي ادب موضوعن جو جائزو، براهوي لوڪ ادب، چترالي ”لوڪ ادب “جو تعارفي جائزو

سنڌي حصو/مقالا ۽ سگهڙن جو چونڊ ڪلام

ٻئي اجلاس جي صدارتي تقرير

ٽئين اجلاس جي صدارت تقرير

عبدالحق ڪيمپس جي پهريون تحقيقي جنرل ڪارونجهر جو تعارف، سگهڙن جو چونڊ ڪلام

حاجي علي نواز وڳڻ، عبدالصمد لغاري، گل محمد غازي، عاجز رحمت الله لاشاري، محمد قاسم راهمون، احمد خان چانڊيو، محمد ايوب واهوچو، جان محمد بروهي، آسي عبداللطيف کوکر ۽ ڪانفرنس بابت مختلف سنڌي انگريزي، اردو، اخبارن ۾شايع ٿيل خبرون ڏنيون ويون آهن. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو پنهنجي علمي ۽ عملي ڪرت ۽ وهنوار ۾ هڪ اُتساهيندڙ ڪردار آهي. جنهن تي سنڌي لوڪ ادب، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪلچر سان محبت ڪندڙ ماڻهو فخر ڪندا رهندا. پاڪستاني ٻولين/قومن جو لوڪ ادب، ڪنهن به ريت، ڪنهن ٻوليءَ ڪلچر، ثقافت، روايتن ۽ ريتن کان گهٽ ناهي پشتو جا ٽپا، پنجابي ماهيا، سرائيڪي ”لوڪ گيت“ سنڌي جو جمالو، براهوي لوڪ گيت، چترالي لوڪ ادب، سنڌ جون ذاتيون.

سنڌي ”لوڪ ادب“ جي تاريخ سومرا دور 1050ع کان 1350ع ملي ٿو. سنڌي ٻولي جو باقائدي رسم الخط موجود رهيو آهي. پنج هزار سال قديم مُهين جي دڙي جي آثارن مان ملندڙ ”مُهرون“ ۽ انهن مٿان لکيل لفظ سنڌي ٻوليءَ جي مٿڀرائپ جا شاهد آهن. عربن جو دور 712ع کان 1050ع تائين سنڌ جي غلامي جو دور رهيو. ان ئي غلاميءَ واري دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو ڪيو ويو. سنڌي ٻوليءَ جي شعر ۽ ادب جي شروعات شاعريءَ سان ٿي ۽ شاعريءَ ۾ به لوڪ شاعري آڳاٽي شاعري آهي. اسان جي ”لوڪ ادب“ جون پاڙون سنڌ جي زرعي سماج ۾ کُتل رهيون آهن ۽ زرعي سماج جي اڏاوت مُهين جي دڙي جي شاهوڪار تهذيبي زماني ۾ ڪئي وئي آهي.

پاڪستاني ٻولين جو لوڪ ادب

اصل ۾ انڊس سولائيزيشن، قديم سنڌو تهذيب جو ”لوڪ ادب“ آهي جيڪو مختلف ٻوليون ۽ لهجن هوندي به اجتماعي طور تي انڊس سولائيزيشن جو ”لوڪ ادب“ آهي جنهن کي اڄ جي زماني ۾ نئين ملڪ نون صوبن/خطن به ڌرتين ٻولين ۽ قومن جو گڏيل ورثو آهي جنهن کي علائقائي طور تي هر قوم/قبيلي/خطي پنهنجي حوالي سان پيش ڪيو آهي. هي ”لوڪ ادب“ مختلف ٻوليون ۽ لهجن هوندي به پنهنجي مزاج ڪيفيت ۽ هئيت ۽ اسلوب سبب هڪجهڙي شڪل/شبيهه رکندڙ آهي. يا ائين کڻي چئجي ته هن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ لوڪن جو ادب آهي جنهن کي دستاويز جي شڪل ڏني وئي آهي. ها ڪتاب قومن جي تاريخي، ثقافتي، ادبي، ورثي جا دستاويز ئي ته هوندا آهن جيڪي قومن جي آزادي خوشحالي جا داستان بيان ڪندا آهن، ان ڏس ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جون ڪوششون ساراھ لائق آهن 234 صفحن تي ڦهليل ”لوڪ ادب“ جي هن ڪتاب جو ملهه چار سئو رپيا، رکيو ويو آهي. “لوڪ ادب “جي چاهيندڙن لاءِ هي ڪتاب هڪ سوکڙي آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے