22 جمعہ , فروری 2019

پاڪستاني رانديگر محمد عرفان محسود جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل

04اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) ڪنگ فو راندين ۾ 40 هين ڏينهن اندر مسلسل پنچ رڪارڊ ٽوڙڻ واري پاڪستان رانديگر محمد عرفان محسود جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. محمد عرفان محسود 2016ع ۾ مسلسل ڪنگ فو جا پنج رڪارڊ ٽوڙيا ۽ ناقابل شڪست رهيو. گنيز ورلڊ رڪارڊ جي انتظاميا محمد عرفان جي ان ڪاميابيءَ جو اعتراف ڪندي ان جو نالو گنيز بڪ ۾ درج ڪرڻ جو اعلان ڪيو. 26 سالن جي عرفان اهي ڪاميابيون 8 آڪٽوبر کان 20 نومبر تائين حاصل ڪيون، هو لڌا ڏکڻ وزيرستان جي قبائلي علائقي سان تعلق رکندڙ ايم فل جو شاگرد آهي. ويجهر ان هڪ پاڪستاني نوجوان احمد امين بودله جو به رڪارڊ ٽوڙيو آهي جنهن هڪ منٽ ۾ 79 اسٽرائيڪس ڪيون هيون جڏهن ته عرفان محسود 87 اسٽرائيڪس ڪري اهو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل ۾ ٽيمون هاڻ به اسڪواڊ تبديل ڪري سگهنديون… پر ڪيئن؟

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ هلندڙ سال نئون قانون متعارف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے