23 بدھ , جنوری 2019

پي ايس ايل ۾ نوجوان بيٽسمين نظر نه آيو، مايوسي ٿي: شاهد آفريدي

afridiلاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پاڪستان سپر ليگ ۾ پشاور زلمي جي رانديگر شاهد خان آفريدي پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي ايڊيشن ۾ نوجوانن مان بهترين بيٽسمين سامهون نه اچڻ تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو. آفريدي چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي ايڊيشن ۾ بهترين بيٽنگ ٽيلنٽ سامهون اچڻ گهرججي ها ڇو جو اسان سڀئي ان جي توقع ڪري رهيا هئاسين پر ايئن نه ٿيو. هن چيو ته گذريل پي ايس ايل ۾ به نوجوان رانديگرن بيٽنگ سان متاثر نه ڪيو، پر شاهد آفريدي ڪجهه نوجوان بالرن جي ڪارڪردگي مان ضرور متاثر ٿيو جن ۾ شاداب خان، اسپنر اسماه مير ۽ فاسٽ بالر عثمان شنواري شامل آهن. آل رائونڊر شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته مونکي عثمان ۽ اسامه خلاف کيڏي تمام گهڻي خوشي ٿي. هن چيو ته ٻئي تمام باصلاحيت بالر آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Virat 'King' Kohli chosen as captain of ICC Men's Test and ODI Teams of the Year Read In Hindi

ورات ڪوهلي ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ کٽيندڙ پهريون رانديگر

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ ڀلوڙ بيٽسمين ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے