18 جمعہ , جنوری 2019

پي ايس ايل فائينل لاهور ۾ ڪرائڻ وارو پي سي بي جو خواب جلد ساڀيان ٿيندو: نجم سيٺي

najam-sethi_2810getty_630لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي سربراهه نجم سيٺي چيو آهي ته پي ايس ايل فائنل پاڪستان ۾ ڪرائڻ جو پي سي بي جو خواب جلد ساڀيان ٿيندو. 5 مارچ تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ وڏي ايونٽ جي فائينل حقيقت جي شڪل اختيار ڪري وٺندي. نجم سيٺي چيو ته پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪرڻ پي سي بي جي تمام وڏي ڪاميابي آهي ۽ ڪرڪيٽ پنهنجي گهر واپس اچي ويندي. ان چيو ته هي پاڪستاني ڪرڪيٽ جو تاريخي ۽ خوش ڪندڙ لمحا هوندا جڏهن قذافي اسٽيڊيم ۾ وڏو ايونٽ کيڏيو ويندو ان چيو ته فائنل پاڪستان ۾ ٿيڻ لاءِ پي ايس ايل انتظاميا تمام محنت ڪئي آهي. جڏهن اسان يو اي اِي ۾ پاڪستان سپر ليگ شروع ڪئي ته ان وقت اسان جو منصوبو هو ته ان جو فائنل پاڪستان ۾ ڪرايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي ٽيم ون ڊي سيريز لاءِ جوهانسبرگ کان پورٽ الزبٿ پهچي وئي

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست کان پوءِ ڏکڻ آفريقا خلاف هڪ ڏينهن جي سيريز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے