13 جمعرات , دسمبر 2018

ايندڙ چونڊن ۾ ميرٽ تي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو پاڻ ڪندس: عمران خان

Imran Khanمانانوالا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر عمران خان چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ۾ ڳٺ جوڙ نه هلڻ ڏينداسين. پاناما ڪيس جو فيصلو ايندڙ هفتي اچي ويندو، ايندڙ چونڊن ۾ ميرٽ تي ٽڪيٽن جو فيصلو پاڻ ڪندس. بني گالا ۾ ايم پي اي رانا علي سلمان سان ملاقات دوران عمران خان چيو ته نواز شريف پاناما جي ڪري پريشان آهي، شريف ڀائرن سڀني ادارن کي قابو ڪيو آهي، عدالت ۽ فوج مان حڪمرانن کي خطرو آهي ان ڪري ان کي بدنام ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پامانا جي فيصلي جو سڄي قوم کي انتظار آهي، فيصلو جيڪو به اچي ان کان پوءِ ايندڙ چونڊن جي لاءِ ڪوششون شروع ڪنداسين، ايندڙ چونڊن ۾ ڪارڪنن جي خواهش ۽ پارٽي ويزن موجب ٽڪيٽون ڏنيون وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے