20 منگل , نومبر 2018

پاڪستان ايئن اطمينان سان پيو کيڏي ڄڻ لاهور ۾ کيڏندو هجي: انگلش ميڊيا جي ٽيم مٿان تنقيد

لنڊن(اسپورٽس نيوز) چئمپينز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ پاڪستان هٿان شڪست تي انگلش ميڊيا پنهنجي ٽيم کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، ميزبان ٽيم جي خراب ترين پرفارمنس تي کيس سخت تنقيد ڪئي وئي آهي. دي سن جي ڪرڪيٽر رائٽر جان ايٿرج لکيو آهي ته انگلينڊ جهڙي قسم جي راند پيش ڪئي ان جو ڪو سبب به بيان نٿو ڪري سگهي، 2 سالن کان جارحاڻي ڪرڪيٽ کيڏڻ واري ٽيم کي اوچتو ڇا ٿي ويو هو، انهن هاڻي 2 سالن جي فاصلي تي موجود ورلڊ ڪپ لاءِ به پاڻ تي دٻاءَ وڌائي ڇڏيو آهي، مرر جي ڊين ولسن چيو ته پاڪستاني ٽيم ايئن اطمينان سان کيڏي رهي هئي ڄڻ ميچ ڪارڊف ۾ نه بلڪ لاهور ۾ ٿي رهي هجي، ان ڪپتان ايون مورگن طرفان وڪيٽ تي تنقيد سان اتفاق ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي پاڪ-آسٽريليا سيريز جون ڪجهه ميچون پاڪستان ۾ ڪرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ سال مارچ ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے