24 بدھ , اکتوبر 2018

وزير اعظم کي عهدي کان الڳ ٿي عدالتن کي منهن ڏيڻ گهرجي: ايم ڪيو ايم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته خواهش آهي ته پاناما پنهنجي انجام تي پهچي، جي آءِ ٽي حقيقيتن کان پوءِ نواز شريف وزارت اعظميٰ تي رهڻ جو اخلاقي جواز وڃائي چڪو آهي. فاروق ستار سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزير اعظم کي وزارت عظميٰ کان الڳ ٿي عدالتن کي ڏينهن ڏيڻ گهرجي اميد آهي ته سپريم ڪورٽ قانون ۽ آئين جي موجب فيصلو ڪندي، وزير اعظم کي مورل گرائونڊ تي عهدو سنڀالڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ڪوشش هئڻ گهرجي ته ملڪ بحران جو شڪار نه ٿئي پاناما ڪيس ادارن ۽ پارليامان جي به آزمائش آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوليس اهلڪارن کي ڌمڪائيندڙ عورت ڊاڪٽر جي ضمانت منظور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پوليس اهلڪارن سان بداخلاقي ڪندڙ عورت ڊاڪٽر شهلا جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے