19 پیر , نومبر 2018

اليڪشن ڪميشن ۾ عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا حيات جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، چيئرمين پي ٽي آءِ طرفان وڪيل پيش نه ٿيڻ تي ٻڌڻي 25 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڪبر ايس بابر جي وڪيل جو چوڻ هو ته عمران خان چئي ٿو ته اليڪشن ڪميشن کي ڪيس جي ٻڌڻي جو اختيار ناهي، ڇا آئيني ادارن جي تذليل سان ادارن کي مضبوط ڪيو ويندو آهي،  هن چيو ته عمران خان برطانوي ادارن جي تذليل ڪن ها ته جيل ۾ هجن ها، اليڪشن ڪميشن عمران خان جي وڪيل کي جوابي دليل ڏيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 25 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے