13 منگل , نومبر 2018

فرانسيسي آرمي چيف صدر سان اختلافن بعد عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

پيرس (ويب ڊيسڪ): فرانسيسي فوج جي سربراهه جنرل پيري ڊي ويليئر فوجي بجيٽ ۾ ڪٽوتي تي صدر ايمانيول ميڪرن سان سخت اختلافن بعد احتجاجن عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، فرانسيسي فوج جي سربرهاه يج آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ جنرل پيري ڊي ويليئر چيو ته هن انتهائي مشڪل حالتن باوجود فوج جي دفاعي صلاحيت کي برقرار رکيو پر هاڻي صدر طرفان فوج تي مالي پابندي نافذ ڪئي پئي وڃي، جنرل ويليئر چيو ته فوجي بجيٽ ۾ ڪٽوتي جي صورت ۾ فوج جي قيادت نٿو ڪري سگهان ۽ انهن حالتن ۾ اهو فرانسيسي قوم جي دفاع ۽ مضبوط فوج جي ضمانت به نٿو ڏئي سگهي، هن بيان ۾ چيو ته ملڪ جي نئين صدر ايمانيول ميڪرون سندس استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي، صدر ميڪرون ۽ آرمي چيف وچ ۾ 14 جولاءِ تي ٿيل ملاقات بعد اڳڪٿيون جاري هيون ته فوج جو سربراهه عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو، صدر ۽ فوج جي سربراهه وچ ۾ ملاقات جي حوالي سان اهي به ڳالهيون ڪيون ويون ته ملاقات دوران صدر فوجي بجيٽ ۾ 850 ملين يورو جي ڪٽوتي متعلق آرمي چيف کي آگاهه ڪيو، جنهن تي هن سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو هيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزا: اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۽ هوائي حملن ۾ 6 فلسطيني شهيد

غزا( ويب ڊيسڪ ) فلسطين ۾ قابض اسرائيلي فوج جي بناجواز فائرنگ ۽ هوائي حملن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے