20 ہفتہ , اکتوبر 2018

پاناما ڪيس بابت فيصلو محفوظ، وزيراعظم جي نااهلي جو جائزو وٺنداسين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس بابت جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. جسٽس اعجاز الحسن جي سربراهيءَ ۾ پاناماليڪس ڪيس جي عملدرآمد بئنچ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي ٻڌڻي ڪئي. حڪومتي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته ڪالهوڪي ٻڌڻي دوران نيلسن ۽ نيسڪول جي ٽرسڊ ٽريڊ تي ڳالهيون ٿيون هيون، عدالت جا رمارڪس هئا ته بادي النظر ۾ هي جعلسازي جو ڪيس آهي، ان حوالي سان هن چيو هو ته ان جي وضاحت ٿيندي. جسٽس عظمت سعيد شيخ رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو به ڏسي سگهن ٿا ته صحيح ڪيئن مختلف آهي. سلمان اڪرم راجا چيو ته اڪرم شيخ ڪالهه چيو هو ته غلطي سان اهي صفحا لڳي ويا هئا اها رڳو هڪ ڪلريڪل غلطي آهي، جيڪا اڪرم شيخ جي چيمبر ۾ ٿي آهي، ڪنهن به صورت ۾ سندن جعلي دستاويزن جي نيت نه هئي، ماهرن غلطي وارن دستاويزن جو جائزو ورتو آهي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته مسئلو رڳو فونٽ جو رهجي ويو آهي جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته ٻيو معاملو موڪل واري ڏينهن نوٽري تصديق جو آهي لنڊن ۾ گهڻي قدر سوليسٽر ڇنڇر ۽ آچر ڏهاڙي به کليل رهندا آهن جنهن تي جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته حسين نواز کان پڇو ويو ته موڪل واري ڏينهن ملاقات ٿي سگهي ٿي ته هن چيو ته موڪل واري ڏينهن اپائنٽمينٽ نه ٿي ٿي سگهي جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته عام سوال ڪيو وڃي ته جواب مختلف هوندو، مخصوص سوال نه ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي رپورٽ جو واليم 10 به گهرائي ورتو. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته ڏهين جلد ۾ جي آءِ ٽي جي خطن جي تصديق ٿيندي، جلد مان گهڻيون شيون واضح ٿي وينديون.  واليم 10 جي سيل عدالت ۾ کولي وئي جنهن جو عدالت جائزو به ورتو. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته خواجه صاحب واليم 10 اوهان جي درخواست تي کوليو پيو وڃي. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته دستاويزن ۾ لاڳاپيل نوٽري پبلڪ جا تفصيل آهن جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته حسين نواز جو اڪثر سوليسٽر سان رابطو رهندو آهي. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته حسين نواز  نه چيو آهي ته سندس سوليسٽر سان رابطو رهندو آهي، دستاويزن تي ڪنهن جون صحيحون به نه آهن، عدالت کي بي وي آءِ جو 16 جون تي خط مليو آهي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته اڄ سلمان اڪرم راجا سٺي تياري ڪئي آهي، عدالت خواجه حارث کي واليم 10 جا مخصوص دستاويز پڙهڻ لاءِ ڏنا پر عدالت طرفان رمارڪس ڏنا ويا ته اڃا واليم 10 ڪنهن کي نه ڏنو ويندو.  جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته 23 جون تي جي آءِ ٽي خط لکيو، جواب ۾ اٽارني جنرل بي وي آءِ کي خط لکيو. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏيندي چيو ته ان ڳالهه سان اتفاق ڪري ٿو ته ريفرنس نيب کي موڪليو وڃي جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته سندس جواب آهي ته ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪئي وڃي، خطن کي شاهدي طور پيش ڪري سگهجي ٿو پر قبول نه ٿو ڪري سگهجي. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته شاهدين کي قبول ڪرڻ يا نه ڪرڻ ٽرائل ڪورٽ جو ڪم آهي. سلمان اڪرم راجا چيو ته قطري کي وڊيو لنڪ جي آڇ نه ڪئي وئي، سال 2004ع تائين حسين ۽ حسن نواز کي سرمايو سندن والد ڏيندو رهيو، جيڪڏهن پٽ اثاثا ثابت نه ڪري سگهي ته ذميواري والدين تي لاڳو نه ٿي ٿي. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏيندي چيو ته عوامي عهدو رکندڙن جي آمدني اثاثن موجب نه هجي ته ڇا ٿيندو، پبلڪ آفس هولڊر اسيمبليءَ ۾ چيو ته هي آهن اهي ذريعا جنهن سان فليٽ خريد ڪيا ويا جنهن بعد وزيراعظم ڪجهه شڪي دستاويز اسپيڪر حوالي ڪيا، اسان هڪ سال کان اهڙن دستاويزن جو انتظار ڪري رهيا آهيون، هتي معاملو عوامي عهدو رکڻ واري جو آهي، هو پنهنجي عهدي سبب جوابده آهي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته عوامي عهدو رکندڙ قومي اسيمبلي ۽ قوم کي خطاب ڪيو هو، خطاب ۾ چيو هو ته ٻارڙن جي ڪاروبار بابت شاهديون موجود آهن، رپورٽ ۾ مريم نواز جي بينيفيشل مالڪ هئڻ جو چيو ويو آهي. سلمان اڪرم راجا طرفان دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ  اسحاق ڊار جي وڪيل طارق حسن دليل ڏيندي چيو ته  پنهنجي جواب ۾ عدالتي خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،  عدالت ۾ 2 جواب داخل ڪرايا ويا آهن. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏيندي چيو ته قانون جي دائري ۾ رهي ڇولين ۾ ترڻو پيو ته هو ترندا. ٻڌڻي دوران طارق حسن اسحاق ڊار جو 34 ورهين جو رڪارڊ سيل بند پيش ڪيو جنهن تي جسٽس اعجاز الحسن چيو ته هاڻي هي دٻو سڄو ڏينهن ٽي وي زينت بڻيل رهندو. طارق حسن چيو ته ٻڌو آهي ته جي آءِ ٽي به اهڙا دٻا پيش ڪيا جنهن تي جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان به شاهدين جا دٻا ڏئي جي آءِ ٽي جي پيروي ڪري رهيا آهيو جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. جسٽس اعجاز افضل چيو ته جي آءِ ٽي اثاثن ۾ اضافي جو چيو پر اسحاق ڊار جواب نه ڏئي سگهيو ٿي سگهي ٿو ته سندس خلاف ڪارروائي شروع ٿي وڃي. ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل چوڌري اڪبر تارڙ چيو ته نيب حديبيا پيپرز ڪيس کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي ويندي. تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته ثابت ٿي ويو ته وزيراعظم صادق ۽ امين نه رهيو آهي، ايف زيڊ اي ڪمپني وزيراعظم ظاهر نه ڪئي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته حڪومت جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پگهار نه ورتي آهي، جسٽس عظمت سعيد چيو ته پگهار کڻڻ ۽ نه کڻڻ جا اثر الڳ الڳ ٿيندا. جسٽس اعجاز افضل چيو ته اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن اثاثا ظاهر نه ڪيا ويا ته بد ديانتي سڏرائيندي، سوال اهو آهي ته سندن اختيارن جو دائرو هوندو يا اليڪشن ڪميشن جو هوندو.  جسٽس اعجاز الحسن چيو ته قطري سپريڊ شيٽ ته نه هيڏانهن ۽ نه وري هوڏانهن جي آهي. نعيم بخاري چيو ته بهترين وضاحت اها هجي ها ته فليٽ مان شريف خريد ڪيا. جسٽس اعجاز افضل پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن اسان مڃي وٺون ته فليٽس جي مالڪ مريم نواز آهي ۽ مريم نواز شريف جي خرچ پکي ۾ آهي ته، اثاثا ظاهر ڪرڻ تي ئي وزيراعظم جي نااهلي بابت فيصلو اچي سگهي ٿو، جيڪڏهن خرچ پکي هيٺ ثابت نه ٿي ته رڳو مريم نواز جو فليٽ مالڪ هئڻ ڪافي ناهي. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي ٺهي ته سڀني چيو ته ڪم آزاد نموني ٿيندو، جي آءِ ٽي پنهنجي دائري کان وڌي ڪم ڪيو، جيڪڏهن اسان ٽرائل بابت فيصلو ڏنو ته فيئر ٽرائل ئي ٿيندو، جڏهن ته جسٽس اعجاز الحسن چيو ته جي آءِ ٽي جهڙين حالتن ۾ ڪم ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي. شيخ رشيد احمد عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته قطري خط ڪڍي ڇڏيو ته ڪيس ۾ ڪجهه به ناهي، سندس درخواست آهي ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي آهي. هن چيو ته عدالت بار بار مني ٽريل گهري جيڪا نه آئي آهي، جنهن طرف ڏسو ته بي نامي دار آهي. عدالت پاناما ليڪس ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪندي چيو ته هو گارنٽي ڏين ٿا ته وزيراعظم جي نااهلي جو جائزو ورتو ويندو. جسٽس اعجاز افضل چيو ته هو پنهنجي فيصلي تان پوئتي نه هٽندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي فنڊ جي استعمال جي نگراني لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے