21 جمعرات , فروری 2019

ڪرينا ڪپور جي فلم ”جب وي ميٽ“ ڏسي اداڪارا بڻجڻ جي خواهش پيدا ٿي: انوشڪا شرما

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪي اداڪارا انوشڪا شرما اعتراف ڪيو آهي ته فلم ”جب وي ميٽ“ هن جي اندر اداڪاره بڻجڻ جي خواهش پيدا ڪئي، اداڪاره انوشڪا شرما پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته فلم جب وي ميٽ اها فلم آهي جنهن هن جي اندر اداڪاره بڻجڻ جي خواهش پيدا ڪئي، فلم ۾ اهي ڪردار جيڪي اداڪارا ڪرينا ادا ڪيا گهڻا پسند آيا ۽ گهڻو متاثر ٿيس ۽ مون سوچي ورتو ته آئون به بطور اداڪاره باليووڊ جو حصو بڻجنديس، مونکي خوشي آهي ته منهنجو هي خواب پورو ٿي ويو ۽ جنهن شعبي ۾ اچڻ چاهيندي هئس انهي جو حصو بڻجي ويس ۽ هاڻي پوري دنيا ۾ منهنجا چاهيندڙ ماڻهو موجود آهن، هن چيو ته هو محنت سان فلمي سفر جاري رکندي، انوشڪا جي فلم ’’جب هيري ميٽ سجل‘‘ 4 آگسٽ تي سينما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

علي ظفر جي ٽوئٽ تي ڀارتي آپي کان ٻاهر

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني راڳي علي ظفر  جو وزيراعظم عمران خان جي پلوامه حملي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے