16 جمعہ , نومبر 2018

ڏکڻ ڪوريا جا دشمن ناهيون، ان سان ڳالهين جا خواهشمند آهيون: آمريڪا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته هو ڏکڻ ڪوريا جو دشمن ناهي پر ان سان ڳالهين جو خواهشمند آهي. واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪسن ٽيلرسن چيو ته اسان ڏکڻ ڪوريا ۾ اقتدار جي تبديلي نٿا چاهيون، اسان نٿا چاهيون ته اتي حڪومت جو تختو اونڌو ٿئي، اسان ٻنهي ڪوريائن کي تيزي سان ٻيهر گڏ به نٿا ڪرڻ چاهيون، اسان ٻنهي ڪوريائن جي سرحد ” 38 پيرالل“ جي ڏکڻ ۾ پنهنجي فوج موڪلڻ جو ڪو به بهانو تراشڻ نٿا چاهيون، اسان توهان جا دشمن ناهيون، اسان توهان جي لاءِ خطرو ناهيون، پر اسان جي لاءِ قبول نه ڪرڻ جو ڳو خطرو بڻيل آهيو ۽ اسان مجبورن ان جو جواب ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Who are 17 Saudis under US sanctions for Jamal Khashoggi's killing?

سعودي صحافي جو قتل: آمريڪا 17 سعودي شهرين تي پابندي مڙهي ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪا سعودي صحافي جمال خاشقجي جي قتل ۾ ملوث 17 سعودي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے