20 ہفتہ , اکتوبر 2018

عوامي آواز:صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي چيو آهي ته منڇر ڍنڍ سنڌ جو ثقافتي ورثو آهي، جنهن جي بحالي لاءِ سنڌ حڪومت ڪوشش وٺي رهي آهي

صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي چيو آهي ته منڇر ڍنڍ سنڌ جو ثقافتي ورثو آهي، جنهن جي بحالي لاءِ سنڌ حڪومت ڪوشش وٺي رهي آهي.
مهراڻ يونيورسٽي ۾ پي سي آر ڊبليو آر جي سهڪار سان منڇر ڍنڍ جي ماحولياتي صورتحال بابت ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته دنيا ۾ پيش ايندڙ ماحولياتي اثرن سنڌ تي گهرا اثر پيا آهن
صوبائي وزير چيو ته منڇر ڍنڍ جي تباهي جي ذميواري اسان سمورن تي لاڳو ٿئي ٿي، جڏهن ته لالچ ۽ حرص جي ڪري ماڻهو پنهنجن ثقافتي ورثن کي تباهه ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته حڪومت اڪيلي سر ڪجهھ به نٿي ڪري سگھي، جڏهن ته معاشري جي هر هڪ ماڻهو کي گھرجي ته اهو ان ڏس ۾ پنهنجو جوڳو ڪردار ادا ڪري .
هن چيو ته سندس کاتي پاران منڇر ڍنڍ جي بحالي لاءِ ترقياتي اسڪيمون جوڙيون پيون وڃن.
مير هزار خان بجاراڻي وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين جو ڪم صرف ڊگريون ڏيڻ ناهي پر سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪري عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن ۽ انهن جا حل ڳولڻ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گھرجي…………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے