16 اتوار , دسمبر 2018

لطيف اڄ جيئرو هجي ها ته سُر بينظير لکي ها: بلاول

ڀٽ شاهه(رپورٽ: نوشاد ٻگهيو) پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سومر تي ڀٽ شاهه پهتو جتي درگاهه حضرت شاهه  عبداللطيف ڀٽائي جي سجاده نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي، صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه سميت ٻين اهم شخصيتن سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي هن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 274 هين عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جي پڄاڻي تي مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي، جڏهن ته ڀٽ شاهه شهر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي  جي چيئرمين جي آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. ايڇ ٽي سورلي هال ڀٽ شاهه ۾منعقد ڪيل عرس مبارڪ جي پڄاڻي واري  تقريب کي  خطاب ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري چيو ته اڄ سڄي دنيا دهشتگردي جي باهه ۾ سڙي رهي آهي ۽ مذهبي انتها پسنديءَ واري رجحان سبب درگاهون پڻ محفوظ نه آهن، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ماڻهو مذهب جي روح کي زخمي ڪري مذهب کي فقط پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته صوفي ازم جو فلسفو علاقائي نه پر هڪ عالمگير حيثيت رکي ٿو ۽ شاهه لطيف جو امن وارو پيغام دشمن عنصرن خلاف  آهي ۽ سندس انهي پيغام کي دنيا ۾ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هر سال لکين پانڌيئڙا حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي مزار تي اچي حاضري ڀري کين خراج عقيدت پيش ڪندا آهن. هن چيو ته اسان کي انسانيت ۽ مذهبي رواداري کي هٿي ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته شاهه صاحب جي سر سسئي ۾ سسئي جي جدوجهد بابت پڙهڻ کان پوءِ مون کي منهنجي ماءُ جي آمريت خلاف جدوجهد ياد ايندي آهي جڏهن ته مارئي جي جلاوطني جو قصو پڙهي مونکي منهنجي ماءُ جي جلا وطني ياد ايندي آهي جتي هن پنهنجي ماروئڙن کي ياد ڪندي ڏکيو وقت گذاريو،مونکي فخر آهي منهنجي ملڪ جي عوام تي جنهن منهنجي ماءُ کي ماروي مليرجي  لقب ڏنو ۽ هو به اوهان سان  بي لوث محبت ڪندي هئي بلاول ڀٽو چيو ته  شاهه لطيف ڀٽائي اڄ زنده هجي ها ته هو به شهيد راڻي جي شهادت ڏسي ان کي پنهنجي آخري سورمي  قرار ڏئي  ان تي  سر بينظير لکي ها. هن ٻڌايو ته ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو افتتاح سندس ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1962ع ۾ ڪيو هو  جڏهن ته  سندس والده شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو به هتي حاضري  ڀري هئي ۽ روايت تحت  هو پاڻ  اڄ هتي حاضر آهي. وڏي وزير سيد مراد  علي شاهه چيو ته مونکي خوشي آهي ته آئون پنهنجي پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي آيس. هن چيو ته سنڌ ڌرتي صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي آهي جتان امن۽ پيار جو پيغام ملي ٿو. سنڌ جي چئني پاسن کان اوليائن ۽ صوفي بزرگن جون مزارون موجود آهن  هن ڌرتي  هميشه پيار ۽ محبت جو درس ڏنو آهي  پر افسوس آهي ته  شايد هن ڌرتي کي به نظر لڳي وئي آهي  ۽ اها  نظر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کانپوءِ لڳي آهي.

 .هن چيو ته سندس خيال مطابق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد جيڪو دور شروع ٿيو اهو دور صوفين جي پيغام سان نفرت ڪندڙ هو جنهن اسان جي محبتي ماڻهن کي ايترو سخت ڪري ڇڏيو جو اسان جو محبت وارو درس اسان جي نسل مان وسري ويو. هن چيو سيوهڻ شريف جي ڌماڪي واري واقعي کان پوءِ به اسان صوفين جي درس تي عمل ڪندي ڀائيچاري ۽ امن و امان واري فضا کي  قائم رکيو آهي . صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته مونکي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان مونکي ان قابل سمجهيو ويو ته هڪ ڪارڪن کي وزير بڻايو ويو آهي اهوئي سبب آهي ته مونکي هن ڌرتيءَ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. هن چيو ته شاهه لطيف  جي  مزار تي حاضري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد  محترمه بينظير ڀٽو صآحبه  به ڏيندي هئي جڏهن ته ان روايت کي بلاول ڀٽو زرداري پاران زندهه رکيو آهي. هن چيو ته ڀٽ شاهه اها ڌرتي آهي جتي صديون اڳ هڪ عظيم صوفي بزرگ جو امن ۽ سلامتيءَ وارو پيغام عام ٿيو. هن چيو ته ننڍو کنڊ ان حوالي سان خوش قسمت رهيو آهي ته انسانيت، محبت ۽ اخوت وارو پيغام ڏيڻ وارا بزرگ ان علائقي ۾ پيدا ٿيندا رهيا آهن. هن چيو ته حقيقي طور تي اسان جي ثقافت ئي اسان جو اهو هٿيار آهي جنهن سان اسان معاشري جي منفي رجحانن خصوصي  طور انتها پسندي ۽ دهشتگردي  جهڙن منفي روين کي ختم ڪري سگهون ٿا.عرس  مبارڪ  جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب دوران  تائيوان مان آيل  هاورڊ  يونيورسٽي جي شاگردياڻي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي راڳ تي تحقيق ڪندڙ مس پي لنگ هوانگ شاهه جو راڳ پيش ڪيو جڏهن ته سيف سميجو، ٿر جي ڳائڻي مائي ڍائي،رجب سهراب فقير، خالد ڀٽي ۽ تاج مستاني  پنهنجي  فن جو مظاهرو ڪيو .

جامي چانڊئي، ياسر قاضي ۽ امر فياض لاءِ لطيف ايوارڊ

ڀٽ شاهه: چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري  سنڌ  جي وڏي وزير سيد  مراد علي شاهه سان گڏجي  شاهه جي راڳي استاد رسول ڏنو، فنڪار الهڏنو جوڻيجو،خماچ وڄائيندڙ عبدالشڪور مڱڻهار،سگهڙ محمد قاسم راهمون،محقق جامي چانڊيو،ڪمپيئر ياسر قاضي. ڊجيٽائيزر امر فياض ٻرڙو ۽ شبير ڪنڀار جڏهن ته لطيف ايوارڊ جي اسپيشل  ڪٽيگري ۾ شاهه  جو رسالو جي حافظن ڀاءُ راحت بڙدي ۽  ڀيڻ انتخاب بڙدي،  شاهه  لطيف جو شاهڪار  تاريخي مجسمو ٺاهيندڙ پروفيسرنادرعلي جمالي۽ سنڌ جي ناليواري مزاحيه فنڪار قادر بخش مٺوکي لطيف ايوارڊ سان نوازيو.ان موقعي تي  پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جو انفارميشن سيڪريٽري سينيٽر عاجز ڌامراهه، پ پ پ  ڪلچرل ونگ سنڌجوصدرقاسم سراج سومرو.  ڊسٽرڪٽ ڪائونسل مٽياري جي چيئرمين مخدوم فخرالزمان ۽ پ پ پ ضلعي  مٽياري جي اڳواڻ  سيد علي حسين شاهه  ڄاموٽ، سميت شاعر ، اديب  ۽ دانشور پڻ ان موقعي تي موجود هئا.

انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ صوفين کي گڏايو وڃي:

وقار شاهه لطيفي

ڀٽ شاهه: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ٽئين ڏينهن تي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي ڀٽائي گهوٽ جا تاريخي ويس اوڍي پانڌيئڙن کي ديدار ڪرايو ۽ ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي توڙي امن لاءِ اجتمائي دعا گهري ، ان موقعي تي بلڙي شاهه ڪريم جو وقتي گادي نشين سيد اسد علي شاهه ، سيد مصطفيٰ  حسين شاهه ، سيد خاور حسين شاهه ، ڊاڪٽر جواد حسين سميت هزارين مريد ، عقيدتمند ،لطيفي جماعت ۽ شاهه لطيف فائونڊيشن جي ميمبر توڙي عهديدار موجود هئا ،ان موقعي تي درگاهه ڀٽائي جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي پنهنجي پيغام ۾ چيو تـ لطيف جي ڪلام کي عام ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ،هن چيو تـ مريد ۽ عقيدتمندن وڌ کان وڌ  پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارين ۽ شاهه جي ڪلام جو درس ڏين ، موجوده ٻوسٽ واري ماحول مان نڪرڻ لاءِ شاهه جي ڪلام کي سيني سان سانڍڻو پوندو ، هن چيو تـ رد الفساد آپريشن جي حمايت ڪريون ٿا ،دهشتگرد ۽ انتها پسند هڪ مرن ٿا تـ وري ٻيا جنم وٺن ٿا انهن جي فيڪٽري کي بند ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي صوفياءَ ڪلام سان رابطو ڪيو  دهشتگرد قوتن کي جڙن کان ختم ڪرڻ لاءِ هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻو پوندو.

غير معياري کاڌن سبب پانڌيئڙن کي گيسٽرو، ميڊيڪل ڪئمپ به نه لڳي

ڀٽ شاهه : شاهه لطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي موقعي غير معياري کاڌن ۽ شين جي استعمال سبب ڪيترائي زائرين گيسٽرو سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا ،صحت ڪميٽي غير معياري کاڌن جي روڪڻ ۾ ناڪام رهي ۽ صحت کاتي طرفان سهولتون نـ ملڻ ڪري بيمار زائرين پرائيويٽ ڪلينڪن تي علاج ڪرائيندا رهيا ، جڏهن تـ صحت کاتي عرس مبارڪ جي موقعي تي پانڌيئڙن لاءِ ميڊيڪل جون سهولتون مڪمل نـ ڪرڻ ڪرڻ تي پانڌيئڙن توڙي شهرين پاران  ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

بلاول جي آمد سبب لطيفي درگاهه عوام لاءِ سيل، دڪان پٽ

ڀٽ شاهه : پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀٽ شاهه آمد کان اڳ درگاهه شاهه لطيف ڀٽائي ، وي آءِ پي روڊ ،ريسٽ هائوس ، ايڇ ٽي سورلي هال کي مڪمل طور تي سيل ڪري ريسٽ هائوس جي حد مان دڪانن کي پٽرائي وي آءِ پي روڊ تان ميلي جي سجايل دڪانن کي بند ڪرايو ويو، جڏهن تـ درگاهه ڀٽائي کي صبح جو 10 بجي کان ڏينهن جو 3 وڳي تائين زائرين لاءِ بند ڪرايو ويو ،پوليس دڪاندارن ۽ زائرين تي لٺ بازي ڪري تشدد ڪندي رهي ،پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آمد ۽ سيڪيورٽي جو سبب ڄاڻائي پانڌيئڙن جي تذليل ڪئي وئي دڪاندارن جا دڪان ڊهرائي ۽ بند ڪرائي انهن کي پڻ لکين روپين جو نقصان ڏنو ويو ،پانڌيئڙن ۽ دڪاندارن لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جي ڀٽ شاهه آمد نقصان ڪار ثابت ٿي

جهوڪ گيڙو رنگ ۾ رڱجي ويو، صوفي شاهه عنايت جو 309 عرس راڳ ۽ ڀڄن سان شروع

جهوڪ شريف (رپورٽ : رشيد جلالاڻي) دهشت ۽ وهشت جي دور ۾ هارين جي حقن لاء ”جو کيڙي سو کائي” جو نعرو هڻي سر ڏيندڙ دنيا جي پهرين سوشلسٽ اڳواڻ ۽ سنڌ جي صوفي بزرگ صوفي شاهه عنايت شهيد جو 309 هون عرس مبارڪ شروع ٿي ويو آهي، سنڌ ۽ هند سميت پوري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گيڙو لباس اوڍيل پانڌيئڙن جي حق موجود سدا موجود جي سدائن سان آمد جو سلسلو جاري آهي، جهوڪ جي نگري گيڙو ويس اوڍي ڇڏيو،درگاهه جي گادي نشين صوفي عطاءُ الله ستاري صوفياڻي سنگ سان مزار تي چادر چاڙهي ميلي جي رسمن جو افتتاح ڪيو، جنهن  بعد درگاهه جي اڱڻ ۾ ڪچهري ٿي جنهن ۾ سرفراز فقير، شفيع فقير، فقير محمد بخش ۽ ٻين مختلف ڪلام ڳائي ٻڌندڙن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو، ميلي جي مناسبت سان سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، رينجرز ۽ پوليس جو گشت پڻ آهي جڏهن ته درگاهه جي اندر توڙي ٻاهر سي سي ٽي وي ڪيمرائون پڻ لڳايون ويون آهن ۽ هر ايندڙ ويندڙ جي تلاشي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته 300 کان وڌيڪ ٻارين ۾ مختلف صوفي فنڪار صوفياڻو راڳ ۽ ڀڄن ڳائي ڀيٽا پيش ڪندا، جيڪو صبح جو فجر تائين جاري رهندو. جڏهن ته سنڌ ڪلچرل فورم طرفان سڀاڻي بٺوري ۾ صوفي شاهه عنايت ادبي ڪانفرنس رکي وئي آهي ۽ ڊي سي سجاول طرفان پوري ضلعي ۾ عام موڪل جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ گئس بندش خلاف احتجاج، عمران خان انڊي وارو آهي: سعيد غني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني وزير اعظم عمران خان جو نالو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے