16 اتوار , دسمبر 2018

عوامي آواز نيوز:حيدرآباد: پيرسن ڀائرن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ ٻن پيرسن ڀائرن  زرعي زمين تي  بااثرن جي قبضي خلاف احتجاج ڪيو

سڪرنڊ جي  ڳوٺ نٿو ڪيريو  جي رهواسين علي بخش ۽ محمد رحيم مبينا طور ٿيل سندن زرعي زمين تي قبضو خلاف  پريس ڪلب  سامهون احتجاج  ڪيو .

هنن چيو ته 3 سال پهرين ڳوٺ جي بااثر ماڻهن سندن  17 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو هيو هنن ٻڌايو ته  ان زمين جا اصل وارث هو  ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ آهي.

هنن چيو ته جوابدار بااثر  هجڻ ڪري  پوليس يا ڪو ٻيو  ادارو  هنن خلاف ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته سندن زمين تان قبضو ختم ڪرائي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي ……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملڪ ۾ هر ڀيري تجربو ڪري عجيب ڪهاڻيون لکيون ويون آهن: آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي ٻوٽو پوکيو ٿو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے