13 جمعرات , دسمبر 2018

نيوز| حيدرآباد ۾ ٻن ڏينهن وارو ٻارڙن جو ادبي ميلو پڄاڻي تي پهتو

حيدرآباد ۾ ٻن ڏينهن وارو ٻارڙن جو ادبي ميلو پڄاڻي تي پهتو، ٻارڙن مختلف سرگرمين ۾ حصو وٺي پاڻ مڃرائي ڇڏيو حيدرآباد ۾ ٻن ڏينهن وارو ٻارڙن جو ادبي ميلو پنهنجي پڃاڻي تي پهتو ميلي جي ٻن ڏينهن دوران ٻارڙن، مختلف سرگرمين ۾ حصو ورتو، ٽيبلوز، راڳ رنگ سميت تقريري مقابلن ۾ حصو ورتو،  ٻاراڻي ادب تي مختلف فڪري ويهڪون ٿيون، جنهن ۾ ٻاراڻي ادب تي جي زوال ۽ بهتري تي ويچاريو ويو. اختتامي تقريب ۾ سهراب فقير فائونڊيشن جي ٻالڪن مولا بخش مڱڻهار، رضوان علي مڱڻهار، الهوڌايو، جان محمد، عرفان علي، جونيئر سهراب فقير ۽ ٻين صوفي راڳين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، سچل جا ڪلام پيش ڪيا،  ادبي ميلي ۾ پاڪستان ۾ ٻاراڻي ادب جا مسئلا جي عنوان هيٺ فڪري ويهڪ ٿي، جنهن ۾ ادل سومري، نصير مرزا، علي عمران ممتاز،وهاب جروار، محبوب الاهي مخمور،قربان منگي، مصطفيٰ هاشمي، وسيم خان  ٻين خطاب ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: احمد پور: رينجرز پاران هڪ ڏينهن جي مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي

احمد پور جي هاءِ اسڪول ۾ رينجرز جي شهباز ونگ پاران هڪ ڏينهن جي مفت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے