15 ہفتہ , دسمبر 2018

نيوز :سپريم ڪورٽ آف پاڪستان (پي ايم ڊي سي) ڪائونسل کي ٽوڙي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) جي اپيل کي رد ڪندي ڪائونسل کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ پي ايم ڊي سي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

 ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ پي ايم ڊي سي بابت ايڊوڪيٽ سردار لطيف کوسا طرفان داخل اپيل منظور ڪري ورتي جڏهن ته پي ايم ڊي سي جي وڪيل طرفان ڪائونسل کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي.

 عدالت پاڪستان ميڊڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل کي ٽوڙڻ جو حڪم ڏيندي عبوري ڪميٽي به جوڙڻ جو حڪم ڏنو جنهن جي سربراهي جسٽس ريٽائرڊ شاڪرالله جان ڪندو.

عبوري ڪميٽي ۾ اسلام آباد ۽ چئني صوبن جي ميڊيڪل ڪاليجن جا وي سيز شامل هوندا جڏهن ته اٽارني جنرل به عبوري ڪميٽي جو حصو هوندو.

عبوري ڪميٽي پي ايم ڊي سي جون نيون چونڊون ڪرائڻ جي ذميوار هوندي.

 گذريل ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار پنجاب جي سمورن ميڊڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو رڪارڊ پڻ طلب ڪيو هو.

چيف جسٽس جو وڌيڪ چوڻ هو ته سمورن ڪاليجن جو دورو ڪيو ويندو ۽ معيار تي پورو نه لهندڙ ڪاليجن کي بند ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپورخاص : نيشنل سوشل اڪنامڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري

ميرپورخاص  ۾ گورنمينٽ پا ڪستان پاران نيشنل سوشل ايڪانومڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے