13 جمعرات , دسمبر 2018

منهن تي تِرِ ۾ ڪينسر، علاج سبب منهن غباري نما بڻيل: ويڊيو ڏسندا

شنگهائي(ويب ڊيسڪ)چين سان تعلق رکندڙ 23 سالن جي زيائويان جي منهن تي وڏي سائيز واري پيدائشي تِرِ ڪينسر جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي، زيائو جو پيدائشي نشان کيس موت جي منهن ڏانهن ڌڪڻ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري سندس حياتي خطري ۾ پئجي وئي آهي. زيائو جو علاج مقامي اسپتال ۾ شروع ڪيو ويو ۽ کيس تڪليف ڏيندڙ علاج ذريعي ان ڪينسر مان جان ڇڏرائڻي پوندي. تفصيل موجب چين جي زيائو گذريل سال مارچ مهيني ۾ جڏهن ڊاڪٽرن کي ٻڌايو ته سندس پيدائشي نشان واري جاءِ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي ته ڊاڪٽرن انهيءَ وقت فيصلو ڪيو ته اسان کي ان نشان کي هٽائڻو پوندو، ۽ ڊاڪٽرن زيائو کي يقين ڏياريو ته اسان توهان کي هڪ نئون چهرو ڏينداسين، جنهن جو مرحلو انتهائي تڪليف ڏيندڙ هوندو. ڊاڪٽر سندس منهن جي کل هيٺان پاڻي وجهندا آهن جنهن جي ڪري سندس منهن جا چئن غبارن جهڙو نظر اچڻ لڳو آهي ۽ ائين سندس منهن جا ”نوان ٽشوز“ بڻائي سگهجن ٿا. کل هيٺان پاڻي وجهڻ دوران زيائو کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو، زيائو موجب ڪڏهن ڪڏهن ايتري تڪليف ٿيندي هئي جو منهنجو دل چوندو آهي ته آئون پنهنجو منهن ڀت سان رهڙڻ شروع ڪيان. ڊاڪٽر هفتي ۾ ٻه ڀيرا سندس چڪاس ڪري رهيا آهن، بعد ۾ ڊاڪٽر منهن جي واڌو کل کي زيائو جي منهن تي ڪارن داڳن کي هٽائڻ لاءِ استعمال ڪندا. زيائو جي وارثن لاءِ به اهو عمل ڪنهن تڪليف کان گهٽ ناهي، ڇو ته سندن ڳوٺ وارا هنن جي ڌيءَ جو مذاق اڏائيندا آهن، زيائو جي ماءُ جو چوڻ آهي ته هو پاڙيسرين کي منٿون ڪندي رهندي آهي ته هو ڌيءَ جو مذاق نه اڏائن. زيائو کي اهي سمورا معاملا وڌيڪ پنجن مهينن تائين برداشت ڪرڻا پوندا جڏهن ته سندس علاج هلندڙ سال جون مهيني تائين مڪمل ٿي ويندو. زيائو هن وقت چائنا جي شهر شنگهائي ۾ آهي ۽ سندس وارث علاج لاءِ فنڊ گڏ ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته ڊاڪٽرن موجب اهو مسئلو سئو ٻارن مان هڪ ٻار سان ٿيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے