13 جمعرات , دسمبر 2018

ڏوهن جي مڪمل خاتمي لاءِ پوليس ۽ شهرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: اي ڊي خواجا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته شهرين لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو پوليس جو رويو آهي، جيڪو کين ٿاڻن ۾ ڏسڻو پوندو آهي، اهلڪارن جو ٿاڻن ۾ رويو دوستاڻو ناهي، پوليس جي نوڪري سڀ کان ڏکيو ڪم آهي، پوليس کي به فرض انجام ڏيندي ڪيتريون ئي قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پي ايل سي سيمينار ۾ خطاب دوران ڪيو. سندس چوڻ هو ته تقريب جو خيال منهنجو هو، مون چاهيو پئي ته پوليس ۽ شهرين ۾ رابطو وڌي. هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم وارداتن بابت پوليس تي ڏاڍو دٻاءُ آهي، امن امان جي بحاليءَ لاءِ پوليس اهلڪارن حياتيون قربان ڪيون. اي ڊي خواجا جو چوڻ هو ته ڏوهن جي مڪمل خاتمي لاءِ پوليس ۽ شهرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، آءِ جي وٽ ٽرانسفر پوسٽنگ کانسواءِ به گهڻا ڪم آهن. آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته مقصود قتل ڪيس ۾ اسان کي ڪجهه لڪائڻ جي ضرورت ناهي، مقصود جو پيءُ جنهن آفيسر کي چاهي ان کي مقرر ڪنداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے