24 بدھ , اکتوبر 2018

نواز شريف ۽ آصف زرادري جي حڪومت ۾ خوشحالي نٿي اچي سگهي: فضل الرحمان

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه موالانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ معاشي طور تباهه ٿي ويو آهي، ملڪ جو هر شهري ٻن وقتن جي ماني لاءِ پريشان آهي، معيشت جي خوشحالي ئي امن امان جي ضمانت آهي، نواز شريف ۽ آصف زرداري جي حڪومت ۾ خوشحالي نٿي اچي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد ۾ “اسلام زنده آباد ڪانفرنس” کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته اسان جي ملڪ ۾ 70 کان رهيل اونداهين خلاف آهي، اسان جو اولهه جي آقائن تي اعتماد آهي، اسان جا مدرسا، مسجدون ۽ ادارا محفوظ ناهن. هن چيو ته دهشتگردي عام ماڻهو جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي، هر پاسي رتوڇاڻ ۽ دهشتگردي آهي، اسان غيرن جي نظام ۽ انهن جون ترجيحون اختيار ڪيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے