16 اتوار , دسمبر 2018

آٽو ميٽڪ هٿيارن جا لائسنسز رد ڪرڻ بابت گهرو وزارت جو نوٽيفڪيشن رد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي گهرو وزارت طرفان لائسنسز رد ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن معطل ڪندي وفاقي سرڪار ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس شاهد ڪريم سيد ازڪار حسين جي درخواست تي جديد هٿيار رکندڙ شهرين جا لائسنسز رد ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته گهرو وزارت ذاتي تحفظ لاءِ جديد هٿيارن جا لائسنس رد ڪيا آهن. هن چيو ته وفاقي گهرو وزارت طرفان شهرين کي سيمي آٽو ميٽڪ هٿيار يا وري مينول هٿيار رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته گهرو وزارت هٿيار رکندڙ شهرين کي ٻڌڻ کانسواءِ ئي لائسنس رد ڪيا تنهن ڪري عدالت گهرو وزارت طفان هٿيارن جا لائسنس رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏي. عدالت گهرو وزارت طرفان لائسنس رد ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن کي معطل ڪندي وفاقي سرڪار ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

5 سالن ۾ گهڻيون نوڪريون ڏئي وينداسين: رزاق دائود

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار رزاق دائود چيو آهي ته 5 سالن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے