11 منگل , دسمبر 2018

سينيٽ چونڊون: چونڊيل نمائندن جون منڊيون لڳائڻ افسوس جوڳو عمل آهي: فضل الرحمان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام  فج  سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ چونڊيل نمائندن جون منڊيون لڳائڻ افسوسو جوڳو عمل آهي، ايوان جي اليڪشن اهڙو منظر پيش ڪري رهي آهي جيئن گهوڙا وڪڻبا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي جي علائقي لياري ۾ عالما ڪنونشن سان خطاب ڪندي ڪيو، مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته سياستدان اڪيلا جنگ وڙهي رهيا آهن ڇو ته اسان کي پارليامينٽ جي بالادستي گهرجي، هاڻ وقت آهي ته سياسي اڳواڻن کي پنهنجي سوچ تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته چونڊيل نمائندن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ قميتون لڳائڻ انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي، جيڪڏهن واقعي نظام کي تبديل ڪرڻو آهي ته ووٽ ان جو بهترين هٿيار آهي. هن چيو ته دبئي جي بينڪن ۾ پاڪستان جي 31 بااثر ماڻهن جا 60 ارب رپيا موجود آهن ۽ ٻئي پاسي ملڪ جا ڪجهه سياستدان غريب هارين کان زمينون ڦري مزا ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ICC Test Rankings: Top-ranked Virat Kohli maintains position, Jasprit Bumrah on career-high 33

آءِ سي سي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، ياسر شاهه ۽ اظهر علي جي ترقي

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري( آءِ سي سي ) نئين ٽيسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے