15 ہفتہ , دسمبر 2018

سنڌ کي رسول بخش پليجي جو جنم ڏينهن مبارڪ

عرفان منان

رسول بخش پليجو سياست جي دنيا جو اهو سورج آھي، جنهن جي سوجهري سان سنڌ ۾ عوامي انقلابي ۽ قومي سياست ۾ روشني پيدا ٿي. ڦوهه جوڀن واري دلربا حياتيءَ کان وٺي، جهور عمر تائين هي منفرد ماڻهو هڪ لمحو به جدوجهد ڪرڻ کان رهي ناهي سگهيو.

پليجو صاحب پنهنجي ذات ۽ ڪردار ۾ سراسر جدوجهد، ڪوشش ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جو حقيقي روپ لڳندو آھي. هو اهڙي يونيورسٽي ۽ ادارو لڳندو آھي. جنهن ۾ ڪيئي شعبا هوندا آھن، ۽ هر هڪ شعبي جي پنهنجي اهميت ۽ افاديت هوندي آھي. هن انسان پنهنجي سڄي زندگي مسڪين طبقي جي ڦريل حقن کي واپس وٺڻ واري انوکي ويڙهه ۾ گذاري آھي. هن املهه انسان سنڌ جي قومي عوامي سياست ۾ نت نوان لاڙا پيدا ڪري، سياست جي اهڙي سيج سجائي جنهن مٿان اهو طبقو اچي ويٺو جيڪو پنهنجي بنيادي حقن کان محروم هيو. هن سياست جي افق تي اهڙا ته چنڊ ۽ تارا لڳائي ڇڏيا، جن جي روشنيءَ سان جوءِ جرڪي پئي.

سنڌ جي قومي ۽ عوامي سياست جيڪا ڀوتارن، وڏيرن، مرشدن، پيرن، ميرن، وٽ قيد ٿيل هئي. ان کي وڏين ماڙين ۽ اوچن محلن مان ڪڍي جهانگين جي جهوپن، مارن جي منھن تي پهچائڻ وارو به پليجو صاحب ئي آھي. جنهن سياست جي اڳواڻي مٿيون طبقو ڪندو هيو، سا عام ماڻهوءَ لاءِ ڄڻ ته حرام ۽ ناجائز هئي. پر پوءِ جڳ ڏٺو ته، ڪيئن ان سياست جي اڳواڻي وارو جهنڊو هيٺين طبقي جي مسڪين ماڻھن پنهنجي هٿ ۾ کنيون. جيڪا ڳالهه ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هئي. ان ۾ به پليجي صاحب جون محنتون شامل آھن. هن هڪ اهڙي نج انقلابي نظرياتي پارٽيءَ جو بنياد وڌو، جنهن پنهنجي قيام کان وٺي هن وقت تائين غير معمولي ۽ مثالي جدوجهدون پئي ڪيون آھن. هن جي ذھني، فڪري ۽ شعوري ڌارائن مان ڪيترائي شاگرد سيراب ٿي چڪا آھن. سندس ڏاهپ جي آويءَ مان هزارين، خاص ڪري هيٺين طبقي سان واسطو رکندڙ نوجوان، مرد، عورتون، شاگرد، ننڍا وڏا ۽ پڪا پوڙھا پچي لال ٿيا آھن. سندس پارٽيءَ جو هر ڪارڪن هر علم سان هٿيار بند هئڻ سان گڏوگڏ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن کان منفرد لڳندو آھي.

رسول بخش پليجي جيڪو سياسي دڳ ۽ پيچرو ٻڌايو آھي ۽ انهيءَ تي هلڻ جو ڏس ڏنو آھي، اهو به نرالو آھي. هن قومي ۽ طبقاتي نظريو ڏئي اهو منجهيل سُٽ  سلجهايو آھي ته، ويڙهه فقط هڪ ئي طريقي سان نٿي وڙھي سگهجي. پر ٻن ٽن مورچن تي سياسي ۽ نظرياتي طور هٿيار بند ٿي سوڀون ماڻي سگهجن ٿيون.  عام طورتي ڏٺو ويندو آھي ته، هڪ سياسي اڳواڻ فقط سياسي اڳواڻ تائين محدود هوندو آھي ۽ ٻين پاسن جو هو پورائو ناهي ڪري سگهندو. پر پليجي صاحب اها اڻ ٿيڻي ڳالهه قبول نه ڪئي. هو هڪئي وقت مدبر سياسي اڳواڻ هجڻ سان گڏوگڏ تمام وڏو  اديب، دانشور، وڪيل، شاعر، لطيف جو پارکو، تاريخ، فلسفي، سائنس، مذھب جو ڄاڻو، موسيقي تي مهارت رکندڙ تقرير ۽ تحرير جو پڻ ماهر آھي.

پليجي صاحب انهن سڀني شعبن سان اهڙو نڀاءُ ڪيو آھي. ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ادب جي دنيا ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم تنقيد نگاريءَ جو هوندو آھي. پليجي صاحب سنڌي ادب ۾ بلڪل نرالي انداز سان ڪم ڪيو آھي. هن پنهنجي تيز تکي ۽ سگهاري قلم جي نوڪ سان ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۽ ”سندي ذات هنجن“ جھڙا ڪتاب لکي سنڌي ادب ۾ هڪ قسم جو انقلاب آڻي ڇڏيو.  سندس ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ، نام نهاد رجعت پرست ٽولي بابت آھي. جنهن ٽولي سنڌي اديبن ۽ شاعرن تي هٿ ٺوڪيون ڪفر جون فتوائون جاري ڪيون هيون. ان ڪتاب ۾ پليجي صاحب وڏن دليلن ۽ تاريخي مثالن سان سمجهاڻيون ڏئي، ان ٽولي کي اهڙي ته ادبي شڪست ڏني جو اهي ٻيهر مجال آھي، جو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍن.   سندس ٻئي شاهڪار مجموعي سندي ذات هنجن، ۾ هن وري اهو ڀرپور نموني سان سمجهائڻ ۽ سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته، حقيقي، اصلي ۽ سچو پچو ادب ڪهڙو ۽ ڪيئن هوندو آھي، ۽ نام نهاد مايوس ڪندڙ ادب ڪهڙو هوندو آھي. پليجي صاحب جا اهي ٻئي ڪتاب هر هڪ ماڻهوءَ کي پڙھڻ گهرجن. سنڌي ادب جي جهول ۾ اهي ٻئين ڪتاب رکي پليجي صاحب سنڌي ادب جي نه وسرندڙ خدمت ڪئي آھي. ان کان سواءِ ڪتاب ”اوهان جي پڄاڻا“ به پنهنجو مٽ پاڻ آھي. منجهس پليجي صاحب جي شاعري ترجمو ٿيل عالمي ادب جي مختلف ٻولين مان چونڊ شاعري شامل آھي.

پليجي صاحب جا لاتعداد سياسي، ادبي، فڪري، انقلابي ڪتاب ۽ ڪالم لکت جي روپ ۾ موجود آھن. ٻي اهم ڳالهه ته پليجي صاحب لطيف کي به منفرد انداز سان بيان ڪيو آهي. ان بابت پليجي صاحب جا شاندار ليڪچر، ڪتاب ۽ ڪالم موجود آھن. جن سڀني کي سهيڙي ھاڻي هڪ ڪتاب ”تنين ماڻڪ ميڙيا“ جي نالي سان ادبي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آھي. جنهن ۾ پليجي صاحب لطيف جي نرالي ۽ نئين تشريح ڪئي آهي. پليجي صاحب ان ڪتاب ۾ لطيف جي انسان دوستي، مظلوم دوستي، عالم دوستي، ڏاهپ، بهادري ۽ ھمت جي اهڙي ته سادي ۽ سولي ٻوليءَ ۾ وضاحت ڪئي آهي، جو عام ماڻھو به اهو سمجهي سگهي ٿو ته، واقعي ئي ڀٽ ڌڻي سنڌي قوم جو سچو حقيقي ويڄ ۽ رهبر آھي. لطيف جيڪي صلاحون، تجويزون،  ترڪيبون ۽ نسخا ڏسيا آهن. جيڪڏھن سنڌي قوم انهن نصيحتن تي عمل ڪري ته، آجپي، آسودگيءَ جي منزل تي آسانيءَ سان رسي سگهجي ٿو. پليجو صاحب بنيادي طور تي مارڪسٽ آهي. مارڪسزم کي به، پليجي صاحب ڏاڍي سولائيءَ ۽ عوامي ٻولي ۾ سنڌ ۾ متعارف ڪرايو آھي.

اسان جي سماج ۾ عورت کي نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آھي. ان کي جتيءَ جو ڪو ڪو سمجهي پيو لتاڙبو آھي، پر پليجي صاحب سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد وجهي ان خام خيالي کي رد ڪري ڇڏيو. سنڌ جي سياست مَرد جي اثر هيٺ هئي، پر پليجي صاحب جو خيال هيو ته، جيسين سنڌ جي سياست ۾ عورتن جو حصو نه هوندو. تيسين سنڌ جي سُڌ، سمجهه ۽ سياست اڻپوري ۽ اڌوري آھي. سنڌ جي نج سادين ۽ ٻھراڙيءَ جي عورتن جڏھن سنڌياڻي تحريڪ جي پليٽ فارم تان جدوجهدون هلايون، لانگ مارچ ڪيا ۽ ايم آرڊي تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، عورتن تي ٿيندڙ ظلمتن خلاف، جلسا، جلوس ۽ سيمينار ڪرايا ته، سالن کان وٺي مرداڻي سماج ۾ قيد بنيل عورتن جي ڳچين مان غلاميءَ جو طوق ٽٽندي نظر آيو. سنڌ ۾ اهڙي تنظيم کي منظم ڪرڻ ۾ به پليجي صاحب جي فڪر جو ڪمال آھي. هاري ۽ مزدور طبقا سماج ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکن ٿا. جيڪڏھن اهي شعوري طور صحتمند هوندا ته، انهن جي حقن جي  ڪڏھن به حق تلفي ڪونه ٿيندي.

پليجي صاحب سنڌ جي هاري ۽ مزدور کي سياسي سمجهه ۽ ساڃاهه جا ڪيئي سونهري سبق پڙھايا. اهو ئي سبب هيو، جو هاري تحريڪ ۽ مزدور تحريڪ جو ڪارڪن جيڪو صرف هڪ يا ٻه درجا پڙھيل هيو. اهو لطيف، تاريخ ۽ دنيا جي انقلابن تي تز دليلن سان بحث ڪرڻ لڳو. ايئن لڳندو آھي ته، اُهو عام هاري مزدور ڪنهن يونيورسٽيءَ مان پڙھي آيو آھي. ڪنهن به قوم جو ٻار جيسين ذھني طور امير نه هوندو تيستائين اها قوم ترقيءَ جي راهن تي قدم رکڻ جي قابل نه بنجي سگهندي. ان اهم پاسي کي به نظر ۾ رکندي. پليجي صاحب سجاڳ ٻار تحريڪ جو بنياد وڌو. ان سجاڳ ٻار تحريڪ جو پتڪڙو ٻار جڏھن سياسي تعليم جي سند وٺي ميدان تي لٿو ته، راڄن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. ان سجاڳ ٻار تحريڪ جو پتڪڙو ٻالڪ ٻاتن ٻولين ۾ سياست، سائنس شاعري ۽ فلسفي تي نهايت ئي باريڪ بيني سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائڻ جي سگهه رکندڙ آھي. شاگرد قوم جو آئينو هوندا آھن. جيترو اهو صاف هوندو اوترو ئي قوم جو چهرو ڏسڻ ۾ چٽو لڳندو. پليجي صاحب سنڌي شاگرد تحريڪ جو بنياد وجهي سنڌ جي شاگرد سياست ۾ اهڙي ته سڳنڌ پيدا ڪئي، جو ساري سنڌ ان خوشبوءَ سان واسجي وئي. سنڌي شاگرد تحريڪ رڳو سياسي ميدان ۾ ڀڙ نه هئي، پر ان سان گڏوگڏ هوءَ پنهنجي تعليمي ميدان ۾ به الڳ اهميت رکندڙ هئي. سنڌي شاگرد تحريڪ جا شاگرد پنهنجي پنهنجي وقت جا ذھين ڊاڪٽر، انجينيئر، وڪيل، پروفيسر، جج ۽ وڏا آفيسر ٿي نڪتا. اهي سڀئي ڪارنامان پليجي صاحب جي فڪري نظريي جا آھن. جنهن ان قسم جا ڪيئي ادارا جوڙي سنڌي قوم جي ماڻھن ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي، فڪري روح ڦوڪيو.

پليجو صاحب هاڻي عمر جي ان ڏاڪي تي اچي پهتو آھي، جنهن کي پيرسني چيو وڃي ٿو. اها عمر مڪمل آرام ڪرڻ جي ھوندي آھي، پر عمر جي ان سرحد تي پهچڻ کان پوءِ به پليجو صاحب ذھني ۽ فڪري طور جوان لڳي رهيو آھي. هاڻي به سندس چوڻ آھي ته، سنڌ جي وارثي ڪجي. سنڌ لاءِ سوچجي. سنڌ لاءِ لکجي. ان مان پتو پئجي وڃي ٿو ته، عشق ڪڏھن به پوڙھو ناهي ٿيندو. محبت ڪڏھن به ٿڪجي رڪجي نٿي. جذبا ڪڏھن به جهور ۽ جهونا ناهن ٿيندا. اهي ته سدائين جوان هوندا آھن.

هڪ صديءَ جو سياسي سفر ڪندي ڪندي پليجي صاحب ڪيئي لاها چاڙھا ڏٺا. ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏنو. هو سالن جا سال جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ قيد رهيو. هن جي مٿان ڪي ئي ڪفر جون ڪوڙيون فتوائون لڳيون. هن تي ڪيترائي تحريري، تقريري ۽ جسماني موت مار حملا ٿيا. هن کان فاضل راهو جھڙو ارڏو سياسي سفر جو سچو ساٿي کسيو ويو. هن جي پارٽي مٿان ڪيترائي ئي طوفان برپا ٿيا. ڪو وقت اهڙو به آيو، جو هن کي رت جا رشتا به اڪيلو ڪري هليا ويا. پر هن برجستي انسان هر مسئلي، مشڪلات ۽ مصيبت جو ڏاڍي دور انديشي ۽ سنجيدگيءَ سان مقابلو ڪري ان کي بري طرح هارائي ڇڏيو. عظيم آدرشن جي خالق رسول بخش پليجي کي جنم ڏڻ جي موقعي تي اسين قومي، عوامي ۽ انقلابي سلام پيش ڪريون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے