13 جمعرات , دسمبر 2018

اسان نواز شريف کي ادارن سان تڪرار کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو نه مڙيو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان نواز شريف کي ادارن سان تڪرار کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو نه مڙيو. خانگي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه دوران نواز شريف جي پارٽي صدارت جي حوالي سان نااهلي وارو فيصلو اچڻ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته نواز شريف کي خدشو هو ته فيصلو سندس خلاف ايندو ان ڪري عدليه جي خلاف تنقيد واري جنگ شروع ڪئي وئي هئي جڏهن ته سندس صلاحڪارن واضح چيو هو ته  ڪيس ڪمزور آهي. هن چيو ته مون کي سينيٽ اليڪشن وقت تي ٿيندي نظر پئي اچي ڇو ته تسلسل سان هلندي جمهوري نظام ۾ پاڻ ن ليگ رنڊڪون پيدا ڪري رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے