13 جمعرات , دسمبر 2018

طئي ٿي ويو ته آئين سپريم آهي ۽ ديانتدار قيادت عوام جو بنياد حق آهي: بابر اعواڻ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چونڊ سڌارا ايڪٽ 2017ع ڪيس جي فيصلي تي تبصرو ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ سوشل ميڊيا تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستان قوم کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر گو نواز گو ٿي ويو. بابر اعواڻ چيو ته ٻه هفتن تائين ڪيس وڙهيس ۽ وزارت عظميٰ جي لاءِ  نااهل نواز شريف نواز ليگ لاءِ به نااهل ٿي ويو. هن چيو ته لوڌران اليڪشن به غير قانوني ٿي وئي ڇو ته اقبال شاهه کي ٽڪيٽ به نواز شريف جاري ڪئي هئي. سندس چوڻ هو ته پوءِ طئي ٿي ويو ته آئين سپريم آهي ۽ ديانتدار قيادت عوام جو بنياد حق آهي. هن چيو ته چور ويا هاڻ ڌاڙيل به ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے