16 اتوار , دسمبر 2018

ڪنوار کي مليل تحفا يا ملڪيت مهر جو حصو نه هوندي: بل منظور

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ شادي ۾ واڌو خرچ نه ڪرڻ جي حوالي سان بل منظور ڪيو ويو. صوبائي اسيمبلي مان منظور ٿيل بل موجب ڪنوار کي ماءُ پيءُ يا ساهيڙين طرفان مليل تحفا يا تحفي ۾ مليل ملڪيت مهر جو حصو نه هوندي جڏهن ته شادي جي موقعي تي گهرن ۽ گهٽين کي سينگارڻ تي پابندي هوندي، اهڙي ريت لائوڊ اسپيڪر جو استعمال رڳو چار ديواري جي اندر ٿيندو.  بل ۾ چيو ويو آهي ته مهندي، مڱڻي ۽ نڪاح جي موقعي تي رڳو شربت استعمال ٿيندو جڏهن ته وليمي ۾ رڳو چار شيون چانور، ڀاڄي، ماني ۽ مٺي جي اجازت هوندي. شادي جي تقريب رات 11 وڳي تائين ختم ڪرڻي پوندي. ڄاڻايل بل جي ڀڃڪڙي تي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا به منظور ڪئي وئي آهي، قانون جي ڀڃڪڙي تي 2 لک رپيا ڏنڊ ۽ 3 مهينا قيد يا ٻئي سزائون ملي سگهن ٿيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انتها پسندي ۽ دهشتگردي عوام جي بدترين دشمن آهي: بلاول

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته انتها پسندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے