22 جمعہ , فروری 2019

بني گالا ڪيس: سپريم ڪورٽ عمران خان کان دستاويز تي جواب طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بني گالا ۾ حد دخلين بابت ڪيس ۾ عمران خان طرفان جمع ڪرايل دستاويزن تي کائنس جواب طلب ڪري ورتو آهي. گذريل ڏينهن باره ڪهو جي اڳوڻي يوسي سيڪريٽري ڪيس ۾ پنهنجو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو هو جنهن ۾ هن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي بني گالا ۾ گھر جي دستاويزن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ تي بني گالا ۾ حد دخلين بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي جنهن دوران عدالت بني گالا جي حوالي سان جمع ڪرايل دستاوزن تي عمران خان کان هڪ هفتي ۾ جواب طلب ڪري ورتو. ٻُڌڻي جي آغاز تي چيف جسٽس آف پاڪستان مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري کي گھُرائي ورتو. چيف جسٽس طارق فضل چوڌري سان مڪالمو ڪيو ته ڪهڙو امتحان سپريم ڪورٽ کان وٺڻ گھرجي؟ ٿورو خيال ڪريو، توهان هتي امتحان وٺڻ لاءِ آيا آهيو؟ توهان جيڪو رات چيو هو اهو مون پاڻ ٻُڌو آهي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته ماڻهن وٽ صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي نه وڃي، توهان ڪجهه پتو ڪيو آهي ته فلٽريشن جي حوالي سان ڇا ڪيو پيو وڃي؟ اسان کي ماڻهن جي صحت بابت وڌيڪ ڳڻتي آهي، باقي شين جي اهميت به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. ٻُڌڻي دوران ايڊيشنل اثارني جنرل عدالت کي چيو ته اسان ڊرون جي مدد سان علائقي جي مووي بڻائينداسين. جڏهن ته عمران خان جي وڪيل پنهنجي دليل ۾ چيو ته ميڊيا ۾ جيڪي رپورٽون آيون آهن اسان انهن کان انڪار ڪريون ٿا. ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو انڪار توهان هتي نه پر ٻاهر وڃي ڪريو، مون کي دستاويز ملڻ کان اڳ ميڊيا ۾ خبر ريليز ٿي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊي ملهائڻ جي خلاف منع نامو…..

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ويلنٽائن ڊي ملهائڻ بابت هاءِ ڪورٽ جي درخواست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے