15 ہفتہ , دسمبر 2018

سنڌي ٻوليءَ جي اعليٰ نقاد ممتاز مهر کي جنم ڏينهن مبارڪ

رکيل  مورائي

اڄ سنڌ جي ان اڻاسي سالن جي نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ نقاد جو جنم ڏينهن آهي، جنهن سنڌي تنقيد کي هڪ نهايت اعليٰ نموني واري آبرو بخشي آهي. سنڌي ادب  ۾ تنقيد جي کوٽ پنهنجي جاءِ تي پر سنڌي ادب ۾ جيترو به تنقيد جو حصو شامل آهي، ان جو اول ۽ آخر هڪ اهم حوالو اسان جو هيءَ نقاد آهي، جنهن کي پڙهي، سنڌ ۾ تنقيد تي ڪجهه اعتبار اچڻ لڳندو آهي ۽ اها سُڌ پوندي آهي ته تنقيد چئبو ڇا کي آهي. ٻيءَ طرح گذريل ٽيهارو کن سالن ۾ سنڌ ادب ۾ تنقيد جي نالي ۾ جيڪا زيادتي ٿي آهي، ان تنقيد لفظ جي معنيٰ مخالفت يا دشمنيءَ جي آس پاس واري لفظ جي معنيٰ لفظ  واري ڏني آهي.

ڪيئن به مون اڳ به ڪٿي لکيو آهي ۽ هاڻ به ورجايان ٿو ته سنڌي ادب ۾ تنقيد جي حوالي ۾ منهنجو ذهن فقط ٻن اديبن ۽ نقادن کي قبول ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻ انهن ۾ هڪ نالو ٻيو وڌيو آهي، مٿيان ٻه نالا آهن، هند ۾ پروفيسر هيرو شِيوڪاڻي ۽ سنڌ ۾ ممتاز مهر، پوئين نسل ۾ اڪبر لغاريءَ جو نالو اچي ٿو، پڪ سان ٻين پڙهندڙ جي سوچ ۽ چونڊ ٻي ٿي سگهي ٿي.

ڪيئن به ممتاز مهر جي اول ۽ آخر سڃاڻپ هڪ جديد ڪهاڻيڪار واري آهي، جنهن سنڌي ادب کي جيڪي به ڪهاڻيون ڏنيون، اهي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ آهن، نئين سنڌي ڪهانيءَ جي اوسر ۾ ۽ ان کي سگهارو ڪرن وارن لکندڙن ۾ ممتاز مهر جو نالو پهرين نالن ۾ شمار آهي، ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن.

جيتوڻيڪ هو سنڌي ادب کي نئون ناول به ڏئي  سگهيو پئي پر هو تخليقي ڪم بجاءِ تنقيدي ڪم ڏانهن آيو. هن پنهنجي تنقيدي لکيڪن سان نه فقط سنڌ ۾ پنهنجي همعصرن ۽ همعمرن  کي متاثر ڪيو. پر هند جي ذهين تخليقڪارن ۽ تنقيد  نگارن ۾ اهم ليکجڻ لڳو، جنهن جو ذڪر ستر ۽ اسيءَ وارن ڏهاڪن ۾ هند ۾ لکي ويندڙ نئين تنقيد جي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ پڙهي سگهجي ٿو.

هن جي حوالي ۾ مون کي ٻه واقعا ته ياد آهن، پهريون ڀيرو سنڌ ۾ اچڻ وقت سنڌي ٻولي جي اعليٰ نقاد پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ فقط ممتاز مهر سان ملڻ جي خواهش ڪئي هئي،. ساڳي طرح لکمي کلاڻيءَ به مون سان اهڙو ئي اظهار ڪيو هئو ۽ پوءِ مهنجو دوست ابڙو ۽ ممتاز مهر ساڻس مليا هئا.

ايئن  سنڌ ۾ به هُن  سنڌ جي نئين ادب ۾ پنهنجو هڪ نرالو اسٿان ٺاهيو. اهڙي مڃتا سندس همعصر  رکندڙ به کيس ڏيندا رهيا آهن، جن مان گهڻا ته هاڻ تخليقي ڪم کان پري هليا ويا آهن، ۽ ڪي هن دنيا کان ئي پري هليا ويا آهن پر ممتاز مهر اڄ جي تاريخ تائين نه رڳو تخليقي ڪم ڪري رهيو آهي پر تنقيدي ليک  به ڪڏهن ڪڏهن لکي سنڌي ادب ۾ پنهنجو نالو انهيءَ ئي آبروءَ سان روشن رکيون اچي.

ممتاز مهر سنڌي ڪهاڻيءَ توڻي تنقيد ۾ اهڙو نالو آهي، جنهن جو  هڪ پاسي تخليقي ادب شاهدي ڏئي ٿو ته ٻئي پاسي تنقيدي ادب اهڙي مڃتا قبولي بيٺو آهي.

اڄ تائين ايندي جيتوڻيڪ  تنقيد جا معيار بدليا آهن پر اڄ به ” ويچار“ ۽ ” سنڌي ڪهاڻي جي اوسر“ نالي سندس ڇپيل ڪتاب تنقيدي معيار جا ضامن آهن ۽ اڄ به تنقيد تي اعتماد ڏيارين ٿا ته سنڌيءَ ۾ ڪڏهن تنقيد جي نالي ۾ به ڪجهه لکيو ويندو هئو، جنهن لاءِ اڄ سنڌي ادب سڪي رهيو آهي.

جيتوڻيڪ ممتاز مهر اڄ به پنهنجي سموري تخليقي توڻي تنقيدي تازگيءَ سان موجود آهي. اسان جي ادارن جي بدنصيبي هيءَ آهي، انهن اهڙن ماڻهن کان ڪو مناسب ڪم نه ورتو آهي، ڇاڪاڻ تگ ادارن ۾ پاسخاطرين  جي هجڻ سبب سنڌي ادب ۾ تنقيدي حوالي سان ڪو فخر جوڳو ڪم نه ٿيو آهي، جنهن ڪري اسان جو اڄوڪو ادب تنقيدي نظرن مان نه گذريو آهي، جنهن ڪري پڪ سان اهو پنهنجي اعليٰ معيار ڏانهن نه وڃي.ا عليٰ معيار کان پري ٿيندو پيو وڃي،

خاص ڪري سنڌي شاعريءَ کي ته تنقيد جي گهڻي گهرج آهي، جيڪا جيئن جو تيئن موجود آهي، ان سلسلي ۾ ممتاز مهر صاحبجو  ڪيترو ئي تنقيدي ڪم رهيل آهي، جنهن کي ادارن پاران ڇپائڻ گهرجي، خاص طور سنڌي ادبي بورڊ کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي، سنڌي ادب کي اڄ تنقيد جي گهڻي گهرج آهي ۽ ممتاز مهر به موجود آهي.

اڄ ممتاز مهر جوجنم ڏينهن آهي، اڄوڪي ڏينهن تي هڪ ساکرو اديب ۽ نقاد ممتاز مهر کي جنم ڏينهن جون واڌايون، ان اميد سان ته هو پنهنجي زندگيءَ جا هاڻوڪا ڏينهن به سنڌي ادب ۾ خاص طور سنڌي تنقيد کي ڏيئي، ان جو معيار اعليٰ ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے