16 اتوار , دسمبر 2018

صادق سنجراڻي سينيٽ چيئرمين ۽ سليم مانڊوي والا ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف اتحاد جو  صادق سنجراڻي سينيٽ جو چيئرمين ۽ پيپلز پارٽي جو اڳواڻ سليم مانڊوي والا سينيٽ جو ڊپٽي  چيئرمين چونڊجي ويو. صدر ممنون حسين طرفان مقرر ڪيل پريزائيڊنگ آفيسر سردار يعقوب ناصر جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو جنهن دوران ڳجهي راءِ شماري جي ذريعي سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ جو عمل ٿيو. سمورن ميمبرن ڳجهي راءِ شماري جي ذريعي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ نامزد اميدوارن کي ووٽ ڏنا ۽ ووٽنگ تقريبن پوڻي ڇهين وڳي تائين مڪمل ٿي. سينيٽ جي چيئرمين لاءِ ووٽنگ مڪمل ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ شروع ٿي جيڪا مڪمل ٿيڻ تي صادق سنجراڻي جي سينيٽ جي چيئرمين طور ڪاميابي جو اعلان ٿيو. پريزائيڊنگ آفيسر سردار يعقوب ناصر صادق سنجراڻي جي ڪاميابي جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته سينيٽ چيئرمين جي لاءِ ڪل 103 ووٽ وڌا ويا جيڪي سمورا درست قرار ڏنا ويا جڏهن ته انهن مان صادق سنجراڻي 57 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته  صادق سنجراڻي جي مقابلي ۾ مسلم ليگ ن جي راجا ظفر الحق 46 ووٽ حاصل ڪيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جي جمهوريت لاءِ جدوجهد وقت عمران خان سياسي طور پيدا به نه ٿيو هو: قمر زمان ڪائرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته جنهن وقت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے