13 منگل , نومبر 2018

پي ايس ايل 3: اڄ اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ملتان سلطانز آمهون سامهون

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ٽئين ايڊيشن ۾ اڄ ايونٽ جو 25 هين ميچ ملتان سلطانز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ وچ ۾ کيڏي ويندي . ميچ پاڪستاني وقت موجب رات نائين وڳي شروع ٿيندي، پوائنٽس ٽيبل تي اسلام آباد يونائيٽڊ 7 ميچون کيڏي 10 پوائنٽن سان ٻئين نمبر تي آهي جڏهن ته پهريون ڀيرو پي ايس ايل ۾ حصو وٺندڙ ملتان سلطانز جي ٽيم شاندار شروعات ڪرڻ باوجود 8 ميچن 9 پوائنٽن سان چوٿين نمبر تي موجود آهي . اسلام آباد يونائيٽڊ پلي آف لاءِ ڪوليفائي ڪري چڪي آهي پر ملتان سلطانز لاءِ ٽاپ فور ۾ جاءِ برقرار رکڻ لاءِ هن ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي انتهائي اهم هوندو.ملتان سلطانز جي قيادت شعيب ملڪ جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽڊ جي قيادت مصباح الحق ڪري رهيو آهي. اسلام آباد يونائيٽڊ پي ايس ايل جي پهرين ايڊيشن جا فاتح ٽيم آهي جڏهن ته ملتان سلطانز  پهريون ڀيرو پي ايس ايل ۾ حصو وٺي رهي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

PCB Chairman Ehsan Mani will be visiting Karachi tomorrow

پي سي بي چيئرمين احسان ماني سڀاڻي ڪراچي پهچندو

ڪراچي ( اسپورٽس نيوز ) پي سي بي چيئرمين احسان ماني پهرين دوري تي ڪراچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے