18 جمعرات , اکتوبر 2018

بهالپور ۾ عائشه گلالئي جي گندن آنن ۽ ٽماٽن سان آجيان

بهاولپور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي باغي ايم اين اي عائشه گلالئي جي بهاولپور جي آمد تي تحريڪ انصاف جي عورتن طرفان گندا آنا ۽ ٽماٽا اڇلايا ويا. عائشه گلالئي بهاولپور صوبو بحال ڪرڻ جي تحريڪ جي دعوت تي مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس لاءِ پهتي ته تحريڪ انصاف جي عورت ڪارڪنن گندا آنا ۽ ٽماٽا اڇلايا. تحريڪ انصاف جي عورت ڪارڪنن طرفان گو گلالئي گو جا نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي بهاولپور بحالي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ گلالئي جي ميزبانن گو عمران گو ۽ رو عمران رو جا نعرا هنيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشه گلالئي چيو ته سندس پارٽي بهاولپور صوبي جي تحريڪ جي حمايت ڪندي. هن چيو ته نوان صوبا ٺهڻ سان وفاق کي هٿي ملندي. سندس چوڻ هو ته سندن نئين پارٽي تحريڪ انصاف جي ۾ شامل لفظ جي انگريزي ۾ منهنجي نالي جو پهريون لفظ نه پر مذهب انداز ۾ جواب ڏيڻ کي ظاهر ڪري ٿو ۽ اها پارٽي ملڪ ۾ تهذيب جي سياست کي هٿي ڏيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يورپي سياستدان عورتون به جنسي هراساني جو شڪار

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين جي اڌ کان وڌيڪ سياستدان عورتن کي به انهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے