17 پیر , دسمبر 2018

نيوز : ڪوٽڙي: گسٽا پاران 2012 ۾ ڀرتي ٿيل استاد برطرف ڪرڻ خلاف احتجاج

ڪوٽڙي ۾ گسٽا پاران 2012 ۾ ڀرتي ٿيل 138 استاد برطرف ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

الطاف ڏاوڇ ،نثار احمد ميمڻ ،سڪندر کوسو ،حزب الله حيدري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ برطرف ڪيل استادن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي  احتجاجي ريلي ڪڍي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي آڏو ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو داهيندي چيو تھ سيڪرٽري ايجوڪيشن 2012 جي استادن جون پگهارون بند ڪري انهن کي برطرف ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي.

هنن چيو تھ ڇهن سالن کان ميرٽ جي بنياد تي نوڪري ڪري رهيا آهيون ، پگهارون بند ڪري نا انصافي ڪئي وئي آهي.

هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ، تعليم واري صوبائي وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ استادن جون پگهارون جاري ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ امتحانن جو بائيڪاٽ ڪري سڄي سنڌ ۾ اليڪشن ڍيوٽين جو به بائيڪاٽ ڪنداسين

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:سڪرنڊ: ملازمن جو خانگي ڪمپني جي انتظاميا خلاف احتجاج

*سڪرنڊ ۾ فائن ڪليڪشن ورڪرز ايڪشن ڪاميٽي  جي سڏ تي ملازمن  انتظاميا جي ناانصافين خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے