16 اتوار , دسمبر 2018

سنڌي فلمن جي سار ڪير لهندو!؟:عبدالمجيد مغيري

ماتلي وارو رئيس ڪريم بخش نظا ماڻي سنڌ جو پهريون سپوت هو، جنهن بمبيءِ ۾ رهندڙ پنهنجي دلي دوست گلشن صوفي جي خواهش تي بمبيءَ جي فلم اسٽو ڊيو ۾ قدم رکي، گلشن صوفي ۽ ٻين دوستن جي ساٿ ،سهڪار سان سنڌي فلم ايڪتا“، ٺاهي، سنڌ ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪري سنڌي فلمن ٺاهڻ جي راهه ڏيکاري .فلم ،ايڪتا، جي  نمائش ورهائي کان اڳ سنڌ ۾ ڪراچي جي مشهور ۽ دلڪش سئنيما تاج محل ۾ دهلن شرناين جي گونجار ۾ ٿي هئي.بمبي ءَ جي واڊيا فلم اسٽوڊيو ۾ تيار ڪيل فلم ايڪتا جي رليز ٿيڻ واري تقريب ۾ خان بهادر الهه بخش سومرو ، جمشيد سروانجي ، جمشيد واڊيا، موسيقار ۽ فلم پروڊيوس رام پنجواڻي مک مهمان هئا. ايڪتا، جي ڪهاڻي ۽ گانا سڪندر فاني لکيا. مڪالما آغا عبدالغني کان لکرايا ويا،جيڪو ان وقت حيدرآباد جو ڪليڪٽر هو. گلشن صوفي ۽ فلم ايڪتا جي هيروئن ڪوشليابيگ جي آواز ۾ گانا رڪارڊ ڪيا ويا. فلم ايڪتا، جو هيرو ادب، فن ۽فنڪارن جو قد ردان رئيس ڪريم بخش نظاماڻي هو.

ورهاڱي کان اڳ بمبيءَ ۾ تيار ٿيل سنڌي فلم، ايڪتا، سنڌ ۾ رليز ٿيڻ کان تقريبن پورا ڏهه سال خاموشي رهي، ڪابه سنڌي فلم نه ٺهي .

ڪافي سالن کان پوءِ اڏيرو لعل جي حسين علي قاضلا ڻي ڪراچي جي ايسٽرن فلم اسٽور ڊيو ۾ اچي ديرو ڄمائي ويهي رهيو ۽ سنڌي فلم عمرماروي، ٺاهڻ جو اعلان ڪري، فلم ٺاهڻ واري ڪم ۾ مصدوف ٿي ويو. سال 1956ع ۾ پهرين مڪمل سنڌي فلم ،عمر ماروي، ٺهي تيار ٿي. ان وقت جي نشاط سئنيما ڪراچي ،  شمس سئنيما حيدرآباد .تاج محل سئنيما دادو،  ايمپائر سئينما لاڙڪاڻي ۾ هڪ ئي وقت نمائش ٿي .

حسين علي شاهه فاضلاڻي فلم “عمر ماروي” کان پوءِ جلد ٻي سنڌي فلم “پرديسي” ٺاهي. اهڙيءَ ريت وقفي وقفي سان سنڌي فلمون ٺهنديون رهيون. ڪراچي جي ايسٽرن ۽ ماڊرن فلم اسٽوڊيو ۾ سنڌي فلمون تيزي سان ٺهڻ لڳيون نمائش لاءِ پيش ٿينديون رهيون ۽ سئينمائن تي ميلا مچي ويندا هئا. ۽ پوءِ وقت گذرڻ سان گڏو گڏ، سنڌي فلمن جو ٻيڙو ڪڏهن تار ترندو رهيو ته ڪڏهن بي رحم وقت ۽ حالتن جي ڪُنَ ۾ ٻڏندو رهيو.

سنڌي فلمن جو ٻڏل ٻيڙو تارڻ لاءِ مرحوم شاهه اسد سنڌي فلم ”جلال چانڊيو“ فلم  ”پرو“ ۽ ”شهيد“ ٺاهي. ويران سئنيما ئن تي ميلا مچائي ڇڏا. ان دوران فن شناس ناليواري شاعر ۽ ليکڪ وڏيري خان محمد ابڙي ٿرجي ڏڪار جي پسمنظر ۾ سنڌي فلم “پڪار” ٺاهي، رليز ڪئي ته فلم “پرو” جا به رڪارڊ ٽٽي پيا هئا. سنڌي فلم “پڪار” کي سنڌ جي عوام طرفان ڀرپور موٽ ملي هئي. ۽ پوءِ جڏهن ملڪ ۾ انتهاپسند دهشتگرديءَ زور پڪڙيو ته، بدامني جي باهه ڀڙڪي اُٿي، خوف جا ڪڪر ڇائنجي ويا. وڌندڙ انتها پسندي سان ملڪ جي فلم انڊسٽري ويران ٿي وئي. فلمون نه ٺهڻ جو فائدو بلڊر مافيا کي ٿيو، ملڪ ۾ هزارين خوبصورت سئينمائون هيون، جتي شام ٿيندي ئي زندگيون رقص ڪنديون هيون، رات دير تائين رونقون ئي رونقون هيون. سئنيمائون بلڊر مافيا ڳڙڪائي وئي. عوام جي خوشين ڀري زندگي ۾ ويرانيون آڻي ڇڏيون.

هاڻي جڏهن ملڪ ۾ امن ٿي ويو ته ڪافي سالن کان پوءِ وري ملڪ ۾ فلمن ٺهڻ  جي شروعات ٿي، پنجابي ،اردو ۽ پشتو فلمون ٺهي رهيون آهن.نما ئش لاءِ پشن ڪيون وڃن ٿيو ن. پر افسوس ! سنڌي فلمن ڏانهن ڪير به ڌيان نٿو ڏي . نه حڪومت جي سرپر ستي ٿي رهي آهي ۽ نه ئي سنڌ جا خوشحال سرندي وارا سنڌي ماڻهو ميدان ۾ اچي سنڌي  فلم ٺاهڻ لاءِ  تيار ٿين ٿا!؟.

جس هجي سنڌ جي غريب فنڪارن کي جن جي زندگي غربت ۾ گڏرندي به پاڻ ۾ چندو ڪري ڪجھه پئسا گڏ ڪري سنڌي فلمون ٺاهڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري پيا آهن . سنڌ ۾ فلم اسٽوڊيو نه هجڻ سبب سخت مشڪل حالتن ۾ گذرندي به سنڌي فلمون ٺاهي نمائش لاءِ پيش ڪن ٿا.پر ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي. سنڌ جا ساڃاهه وند  ۽ اسان جا سيا سنڌان هن وقت سنڌي فلمون ٺاهيندڙ غريب فنڪارن جي مدد ڪرڻ، همٿائڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر!ٰ سنڌ جي ڪنهن شهر ۾ باقي بچيل سئنيما ۾ سنڌي فلم نمائش لاءِ پيش ڪئي وڃي ٿي، ته  ڪو به سنڌي ماڻهو پنهنجي جيجل جي مٺٿري سنڌي ٻولي جي فلم کي ڏسڻ لاءِ سئنيما تي اچڻ لاءِ تيار نه آهن  ۽ نه ئي سياسي پارٽيون  پنهنجي ڪارڪنن کي سنڌي فلم ڏسڻ جي تلقين ڪن ٿا، تڏهن سنڌن سنڌ ۽ پنهنجي سنڌي ٻولي سان محبت  ڪرڻ جون  ڪوڙيون دعوائون ظاهر ٿيو پون.ڪيترن سالن کان پوءِ پنهنجي سنڌ، پنهنجي  ٻولي، پنهنجي تقافت سان بي پناهه محبت ڪندڙ مرحوم خان محمد ابڙو سال 2017ع ۾ سنڌ لاءِ صدين کان ناسور بڻيل ڀوتار ڪي رسمن کان سنڌ ۽ سنڌي  عوام کي ڇو ٽڪارو ڏيارڻ لاءِ سنڌي فلم “تبديلي “ٺاهڻ جو اعلان ڪري، ڏينهن رات فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف رهيو. پرافسوس! سندس زندگي ساٿ نه ڏنو ۽ فن دوست ۽ سنڌ دوست انسان هميشه لاءِ وڇڙي ويو، مرحوم خان محمد ابڙو جي وڇوڙي کان پوءِ سندس پٽ تاج ابڙي فلم جي رهجي ويل ڪم کي مڪمل ڪري، فلم  “تبديلي” کي نمائش لاءِ ٽنڊوالهار جي ڪيپري سئنيما ۾ پيش ڪيو آهي، ٽنڊ والهار جي شهرين ۽ سنڌ جي فنڪارن سنڌي فلم “تبديلي” کي هڪ بهترين فلم قرار ڏنو.ٽنڊوالهار کان پوءِ حيدرآباد جي مقامي سئينما ۾ نمائش لاءِ پيش ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن.

فلم  “تبديلي” جو ڪهاڻيڪار، نغمه نگار ۽ فلماز مرحوم خان محمد ابڙ و، هداتيڪاري جا فرائض تاج ابڙي سرانجام ڏنا. اداڪارن ۾ مقبول قيصر، آمنه مهڪ، نظر رونجھو، عروج ناز، صبا ملڪ،  رخسار ميمڻ، نوشين شيخ، ڪرن اينجل،  علي اصغر ڳاهو، انور ڇلگري،  ايم ايم بلوچ، عبدالمجيد مغيري، جمن ڀٽي، نور ڀٽي، شيراز ميمڻ، محمد رفيق، اعجاز ابڙو، سليمان ابڙو، حيدر رند، نزاڪت شاهه، امير حسين ، تاج ابڙو ۽ وڏيري جو ڪردار رمضمان جروار ،ادا ڪيو،

فلم ۾ سڀني اد اڪارن پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن، فلم ڏسندڙن ن، علي اصغر ڳاهو جي ادا ڪاري کي بيحد سار هيو ۽ خوب داد ڏنو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محمد حفيظ ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ سيريز يادگار نه بڻائي سگهيو!:سرمد سولنگي

نيٺ محمد حفيظ اهو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن  جو هرڪنهن کي انتظار هو ، ڇاڪاڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے