19 جمعہ , اکتوبر 2018

تحريڪ انصاف ڪور گروپ جي اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين ۾ تلخ ڪلامي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ جي ڪور گروپ جي اجلاس ۾ سينيئر اڳواڻن ۾ تلخي ٿي پئي. ميڊيا جي رپورٽن موجب اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين جي وچ ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺي ٿي ۽ ٻنهي اڳواڻن ۾ تلخ ڪلامي جو سبب راءِ حسن نواز بڻيو. ذريعن موجب راءِ حسن نواز جي نااهلي کي شاهه محمود قريشي بحث هيٺ آندو، شاهه محمود راءِ حسن نواز جي پارٽي ۾ اهليت کي چيلينج ڪيو ۽ چيو ته کيس راءِ حسن نواز جو پارٽي عهدو رکڻ ۽ پارٽي اجلاسن ۾ شرڪت تي اعتراض آهي. شاهه محمود قريشي جي اعتراض تي جهانگير ترين چيو ته شاهه! توهان جو اشارو مون ڏانهن آهي. ذريعن موجب جهانگير ترين چيو ته جيڪڏهن پارٽي اِهو فيصلو ڪيو ته هو گهر هليو ويندو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ تلخ ڪلامي تي عمران خان مداخلت ڪئي ۽ راحسن نواز کي پارليماني بورڊ تان هٽائڻ جو اعلان ڪيو. ذريعن موجب عمران خان راءِ حسن واز کي عهدي تي نه رکڻ جو اعلان به ڪيو جنهن  بعد معاملو حل ٿي ويو. ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي ذميوار عهديدار جو چوڻ آهي ته واقعو غلط فهمي جو نتيجو هو ۽ معاملو اجلاس ۾ ئي حل ٿي ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ۾ نين شموليتن جي اسڪريننگ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جڏهن ته مسلم ليگ ق سان اتحاد جي درخواست رد ڪئي وئي آهي. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سينيئر سربراهن جي اجلاس بابت ناڪاري اطلاع افسوس ۽ مذمت جوڳا آهن. ترجمان چيو ته سينيئر اڳواڻن جي وچ ۾ اختلاف جون خبرون بي بنياد آهن ۽ اڳڪٿين جو نتيجو آهي، تحريڪ انصاف جي قيادت مڪمل طور تي گڏيل آهي. ترجمان چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ مڪمل ڳالهين ۽ اتفاق راءِ سان اهم فيصلا ڪيا ويا. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي سدا جو سياسي خانه بدوش آهي، لڳي ٿو ته قريشي صاحب نئون سياسي سفر سروع ڪرڻ وارو آهي. سعيد غني چيو ته جهانگير ترين جي اڳيان شاهه محمود جي دال نه ڳرندي، ممڪن آهي شاهه محمود قريشي ايندڙ اليڪشن آزاد حيثيت ۾ وڙهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر، آصف زرداري ۽ ٻين کي نوٽيس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ مبينا جعلي اڪائونٽس تي پاڻمرادو نوٽيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے