19 جمعہ , اکتوبر 2018

ملڪ ۾ انتها پسندي ناسور بڻجي وئي آهي: احسن اقبال

Extremism is going on in the country: Ahsan Iqbalاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ٻانهن ۾ لڳل گولي اهو ياد ڏياريندي رهندي ته نفرت جي ڇٽيل ٻج کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي. قومي اسمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته هڪ بزدل جنوني مٿس قاتلاڻو حملو ڪيو، حملي کان ڪجهه سيڪنڊ اڳ جلسي ۾ هڪ فون ڪال آئي، فون کنيو ته منهنجي ٻانهن بچاءُ بند بڻجي وئي.  هن چيو ته جڏهن بلاول ڀٽو منهنجي خاندان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ته سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. دهشتگردي جي ناسور سبب بلاول جي امڙ پڻ شهيد ٿي. عمران خان گلدستو اماڻيو، جنهن تي سندس ٿورائتو آهيان، خوشي ٿئي ها گلدستو شيرن مزاري، شفقت محمود ۽ اسد عمر کڻي اچن ها، ڏک ٿيو گلدستو کڻي ايندڙ شام جو ٽي وي تي ويهي حملي ڪندڙ جو دفاع ڪري رهيو هو. گهرو وزير چيو ته جسم ۾ گولي ياد ڏياريندي رهندي تي نفرت جو ڇٽيل ٻج کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي.اسان کي گڏجي ڪري ان بارود کي صاف ڪرڻو پوندو جيڪو معاشري ۾ پکڙجي ويو آهي، اسان جي ملڪ ۾ انتها پسندي ناسور بڻجي وئي آهي. احسن اقبال چيوته مذهبي اڳواڻن جي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، پاڪستان ۾ ڪيرمسلم ، ڪير غير مسلم اهو فيصلو پاڪستان جو آئين ۽ پارليامنٽ ڪندو آهي، ڪنهن کي به حق ناهي ته گهٽي پاڙي ۾ فتويٰ ڏئي، ڪنهن کي سزا ڏيڻي آهي ته ان جو فيصلو پارليامنٽ جو قانون ۽ عدالت ڪندي . گهرو وزير وڌيڪ چيو ته جيد علماءَ جو فتويٰ آهي جهاد جو حڪم رڳو رياست ڏئي سگهي ٿي، جهاد جو فتويٰ ڪا به فرياد يا گروهه نٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته پاڪستان جو رنگ، نسل ۽ مذهب جي بنياد تي ورڱاهي کان بچائڻو آهي جنهن جي کيسي ۾ پاڪستان جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ آهي اهو پاڪستان آهي، اسان کي انتها پسندي واري رويوي جي خلاف جدوجد ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهو پارليامنٽ لاءِ چيلنج آهي ته اسانکي پاڪستان کي ڪيئن انتها پسندي کان بچائڻو آهي، هن ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻو آهي، نفرت ختم ڪرڻي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽرن ڀاڙن ۾ هٿرادو اضافو ڪري ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽرن هٿرادو ڀاڙن ۾ واڌ ڪري شهرين کان ڦرلٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے