17 بدھ , اکتوبر 2018

نيوز: لاڙڪاڻو: ميونسپل ڪارپوريشن جي رليو ڪيل ملازمن جي   اٺين ڏينهن به بک هڙتال جاري

Larkana: On eight day of the work of the Municipal Corporate, a      *لاڙڪاڻي جي ميونسپل ڪارپوريشن جي رليو ڪيل ملازمن اٺين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو ۽ جناع باغ جي گيٽ اڳيان قائم ڪيل ڪيمپ تي بک هڙتال جاري رکي.

بک هڙتال تي ويٺل 55 ملازمن سان يڪجهتي طور لاڙڪاڻو ميونسپل ليبر يونين ۽ عوامي شهري اتحاد جا اڳواڻ قربان ابڙو ۽ ٻيا  پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن جي ملازمن ڪيمپ تي پهتا.

 ملازمن ۽ ميونسپل ليبر يونين طرفان جناع باغ چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

 ان موقعي تي هنن چيو ته ميئر ميونسپل ڪارپوريشن ڪائونسل کان رٿ پاس ڪرڻ جي باوجود ملازمن کي جوائننگ نه ٿو ڏئي.

ليبر يونين جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ملازمن کي جوائننگ نه ڏني وئي ته ضلعي جي ٽائون ڪميٽين سان گڏجي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | سانگهڙ: سانگهڙ زلمي اليون مخدوم امين فهيم ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتو

سانگهڙ ڀرسان سانگهڙ زلمي اليون مخدوم امين فهيم ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل کٽي ورتو. شاهپور …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے