20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ريٽائرڊ ججن تي ٻڌل عبوري حڪومت جي قيام جي لاءِ درخواست داخل

لاهور(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ اعليٰ  عدليه جي ريٽائرڊ ججن تي ٻڌل عبوري حڪومت جي قيام جي لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي پاڪستان تحريڪ انقلاب جي غازي علم الدين جي داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن ۾ ريٽائرڊ ججن تي عبوري حڪومت جي قيام جي لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو هو. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ موثر نظام حڪومت قائم ناهي ٿي سگهيو، عدالتن ضيا الحق ۽ پرويز مشرف کي به حڪومتون ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. پاڪستان ۾ ايندڙ 10 سالن جي لاءِ ريٽائرڊ ججن تي ٻڌل عبوري حڪومت قائم ڪئي وڃي، عدالت صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن ۾ ريٽائرڊ ججن کي مقرر ڪري، جوڊيشل حڪومت جي قيام جي لاءِ عوام ريفرنڊم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت درخواستگذار طرفان عدم پيروي جي ڪري داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے