19 جمعہ , اکتوبر 2018

نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمتن ۾ هڪ مهيني جي لاءِ 62 پيسا في يونٽ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. تفصيل موجب نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي هڪ مهيني جي لاءِ 62 پيسا في يونٽ سستي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. نيپرا ترجمان جو چوڻ آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي اپريل جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي، اپريل ۾ بجلي جي پيدوارا لاڳت 6 رپيا 10 پيسا في يونٽ رهي جڏهن ته صارفن کان اپريل ۾ 6 رپيا 72 پيسا في يونٽ وصول ڪيا ويا. ان ڪري بجلي هڪ مهيني جي لاءِ 62 پيسا في يونٽ سستي ڪئي پئي وڃي. قيمتن ۾ گهٽتائي ڪي اليڪٽرڪ جي صارفن ۽ 300 يونٽ تائين استعمال ڪرڻ وارن تي لاڳو نه ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر، آصف زرداري ۽ ٻين کي نوٽيس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ مبينا جعلي اڪائونٽس تي پاڻمرادو نوٽيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے