15 ہفتہ , دسمبر 2018

نيوز: رسول بخش پليجو جو مڙهه اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجو پهچي ويو، ماحول سوڳوار

Rasool Bakhsh palijo aggression alone Plage Village Manager arrives, environment svg̈var* ناليواري سياستدان، اديب ۽ ڏاهي رسول بخش پليجي جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ پهچڻ تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻ گلن جي ورکا ڪري ڏک جو اظهار ڪيو.

بزرگ سياستدان جو مڙهه ڪراچي کان ٺٽي نيئندي ڌاٻيجي پهچڻ تي هوت خان ڪلمتي، ايوب انڙ، مقصود جوکئي ۽ انور مير بحر سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن دانشور رسول بخش پليجي جي مڙهه تي گل ڇٽي ڏک جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته عوامي تحريڪ جي سربراهه، مھان ڏاھو، ناميارو دانشور اديب، نقاد، مترجم ۽ ناليواري قانوندان رسول بخش پليجي پنهنجي سڄي عمر قومي ۽ طبقاتي اڻبرابري، جمهوريت جي بحالي، عورتن جي حقن ۽ ٻين عوامي مسئلن تي پاڻ پتوڙيو.

ناليواري ڏاهي رسول بخش پليجي جو مڙهه جُنگشاهي ڀرسان ڳوٺ منگر خان پليجو پهچڻ تي ماحول سوڳوار بڻجي ويو.

رسول بخش پليجو جو مڙهه سڀاڻي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپورخاص : نيشنل سوشل اڪنامڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري

ميرپورخاص  ۾ گورنمينٽ پا ڪستان پاران نيشنل سوشل ايڪانومڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے