17 ہفتہ , نومبر 2018

پي ٽي آءِ پاران نادرا چيئرمين خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف  نادرا چيئرمين  خلاف  اليڪشن ڪميشن وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي . عمران خان  ان باري ۾ پارٽي اڳواڻن کي  هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن پاڪستان تحريڪ انصاف نادرا چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ  پٽيشن تيار ڪري ڇڏي آهي جنهن جي باري ۾ بابر اعواڻ عمران خان کي بريف ڪيو  . پي ٽي آءِ الزام مڙهيو آهي ته نادرا چيئرمين مسلم ليگ نون  کي اليڪشن  کٽڻ ۾ مدد لاءِ ڊيٽا فراهم ڪئي هئي. ان لاءِ ان کي عهدي  تان هٽايو وڃي.  پٽيشن جي متن ۾ چيو ويو آهي ته نادرا چيئرمين کي ن ليگ مقرر ڪيو هو . ان لاءِ  ان جي موجود گي ۾ شفاف چونڊون نه ٿي سگهنديون .. ٻئي طرف بابر اڳواڻ  تصديق ڪندي  چيو ته نادرا چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ  جلد ئي اليڪشن ڪميشن  ۾ پٽيشن داخل ڪئي ويندي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے