13 منگل , نومبر 2018

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ٻاهران گندگي جا ڍير، چيف جسٽس طرفان ڪاوڙ جو اظهار

لاڙڪاڻو ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جو دورو ڪري يورولاجي ڊپارٽمينٽ جي چوڌاري گندگي جي ڍيرن ۽ ليبارٽري جي خراب صورتحال تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسپتال انتظاميه کي ڇنڊ پٽي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ سان گڏجي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جو دورو ڪيو. چيف جسٽس چانڊڪا اسپتال ۾ داخل مريضن کان دوائن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ اسپتال انتظاميه کي هدايت ڪئي ته مريضن جو بهتر علاج يقيني بڻايو وڃي. چيف جسٽس اسپتال ٻاهران وڻ جي پاڇي ۾ بيهي سائلين جون درخواستون به ٻڌايون. چيف جسٽس شيخ زيد اسپتال پهچي ويمن او پي ڊي جو دورو ڪيو. چيف جسٽس سيشن ڪورٽ جي مختلف عدالتن جو به دورو ڪيو ۽ سائلين کان ڪيسن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي. چيف جسٽس ماتحت عدليه کي هدايت ڪئي ته ڪيس ميرٽ تي ۽ جلد اڪلايا وڃن. چيف جسٽس لاڙڪاڻي ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر جو به دورو ڪيو ۽ مختلف شعبن جو معائنو ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے