16 جمعہ , نومبر 2018

چيف جسٽس سيشن جج کان موبائيل کسي ٽيبل تي ڦٽو ڪيو

Constitution and Parliament are Supreme, the Judiciary can review: Chief Justiceلاڙڪاڻو ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار ايڊيشنل سيشن جج جي موبائيل وٺي ٽيبل تي ڦٽو ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس ثاقب نثار لاڙڪاڻي سيشن ڪورٽ جو دورو ڪيو ۽ مختلف ٻڌڻين جو جائزو ورتو. دوري دوران چيف جسٽس عدالت نمبر 3 ۾ پهتو جتي هن ايڊيشنل سيشن جج کان موبائيل کسي ٽيبل تي ڦٽو ڪيو ۽ چيو ته توهان موبائيل گهر رکي ايندا ڪيو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته صبح کان توهان ڪيترن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي آهي، جج چيو ته مان 3 ڪيس ٻڌا آهن چيف جسٽس چيو ته ايتري سستي سان ڪم ٿيندو ته انصاف ڪئين ٿيندو. هن چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان ڪهڙي رخ طرف وڃي رهيو آهي، گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن بابت توهان ڇا ڪري رهيا آهيو، ڪيس جلدي سان اڪلايا وڃن، عدالتي نظام مان شرمسار آهيان. ٻئي طرف چيف جسٽس ثاقب نثار بار ۾ وڪيلن سان ملاقاتون ڪيون ۽ چيو ته مان توهان جي هڙتالن کان گهٻرائڻ وارو نه آهيان، مون تي ڪو به فرق نه ٿو پوي، مان پنهنجي سيٽ ڇڏي انصاف جي فراهمي لاءِ نڪتو آهيان، جنهن ۾ توهان اهم ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آفيسرن جي واڌو پگهارن بابت پاڻمرادو نوٽيس: 45 آفيسر واڌو وصول ڪيل پگهارون واپس ڪرڻ تي رضامند

لاهور(ويب ڊيسڪ) آفيسرن جي پگهارن تي پاڻمرادي نوتيس ڪيس ۾ 54 آفيسرن مان 45 وڌيڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے