20 منگل , نومبر 2018

پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻن کي ميڊيا ۾ اختلافي ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن: ترين

لوڌران ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته پارٽي جي سينئر اڳواڻن کي ميڊيا تي اختلافي ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن. لوڌران ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته نئين پاڪستان لاءِ عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻو آهي جنهن جي قيادت ۾ پنجاب ۽ وفاق ۾ حڪومت ٺاهي ويندي. هن چيو ته 90 سيڪڙو ٽڪيٽون پرامن طور جاري ڪيون ويون آهن ۽ باقي 10 سيڪرو به ڏنيون پيون وڃن اسان تي ٽڪيٽن بابت گهڻو دٻاءُ آهي. سندس چوڻ هو ته سڀ کان وڌيڪ ماڻهن جي خواهش آهي ته تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ ملي، اهڙن ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏني پئي وڃي جيڪي کٽي سگهن ٿا، ٽڪيٽون حاصل ڪندڙن جي لسٽ اڄ يا سڀاڻي جاري ڪئي ويندي.  جهانگير ترين چيو ته شاهه محمود جيڪي ڳالهيون ڪيون تنهن کي نه ڪرڻ گهرجن ها، پارٽي جي سينئر اڳواڻن ۾ اهڙيون ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن، پنهنجا فيصلا بند ڪمرن ۾ ويهي ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ميڊيا تي ڪنهن جي ذات تي الزام هڻڻ غير مناسب آهي، مان شاهه محمود قريشي جي جواب ۾ پريس ڪانفرنس نه ڪئي،  اهم شخصيتن جي حمايت جي موقعي تي سوال پڇا ويا ته شاهه محمود بابت ڳالهيون ٿي ويون. سندس چوڻ هو ته منهن جو پٽ آڪسفورڊ ۾ پڙهائي ۾ مصروف آهي مان اليڪشن نه ٿو وڙهان، پٽ اليڪشن نه پيو وڙهي پر هر اميدوار منهنجو پنهنجو آهي، سياست ۾ ڊيڊ لاڪ به ايندا آهن ۽ ختم به ٿي ويندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے