16 جمعہ , نومبر 2018

عام چونڊن دوران اميدوارن ۽ سياسي اڳواڻن کي سڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ چونڊ عملي، اميدوارن ۽ سياسي اڳواڻن کي مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان چئني صوبائي سيڪريٽرين کي خاص ليٽر جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته عام چونڊون صاف ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ سڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا وڃن، نهايت حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي ٽي وي ڪيمرائون جلد لڳايون وڃن، ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن، رٽرننگ آفيسرن ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرن کي سڪيورٽي ڏني وڃي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي خط ۾ چيو ته چارئي  حڪومتون اميدوارن کي سڪيورٽي فراهم ڪن، اميدوارن کانسواءِ سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي به سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تحت عمران خان، شهباز شريف، آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت سڄي ملڪ جي 10 هزار کان وڌيڪ سياستدانن کي سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف جو سڄي ملڪ ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ملڪي قيادت سنڀالڻ جي لڳ ڀڳ اڍائي مهينن بعد سڄي ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے